اسلام آباد(بيورورپورٽ) بلوچستان ۾ ڪورڪمانڊر سرفرار علي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت بعد سوشل ميڊيا تي هليل نفرت انگيز مهم خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو، ايف آءِ اي انڪوائري ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، بلوچستان حڪومت به ان ٽرينڊز جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خلاف سازش کي ناڪام بڻايو ويندو. مليل اطلاعن موجب وفاقي تحقيقاتي ايجنسي ايف آءِا ي جي سائبر ڪرائمز ونگ ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي بابت سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپيگنڊا بابت انڪوائري رجسٽرڊ ڪئي وئي آهي. ايڊيشنل ڊي جي سائبر ڪرائمز محمد جعفر جي سربراهي ۾ گڏيل جاچ ٽيم يا جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي. ٽيم ۾ ڊائريڪٽر آپريشنز وقار چوهان، ايڊيشنل ڊائريڪٽر اياز ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عمران حيدر شامل آهن. ٻئي طرف فوج خلاف ٽرينڊ هلائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مختلف ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ جا به اطلاع آهن پر انهن جا تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن. ڪارروائي کانپوءِ اها تبديلي آئي آهي جو فوج ۽ ادارن خلاف ناڪاري پروپيگنڊا بند ٿي وئي آهي ۽ اهڙا سمورا ٽرينڊ به ڪالهه نظر نه آيا جن ۾ فوج تي تنقيد ڪئي ويندي آهي. هوڏانهن بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرح عظيم شاهه چيو آهي ته ڪو به محب وطن ملڪي سلامتي خلاف نٿو ڳالهائي سگهي. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فرح عظيم شاهه چيو ته شهيد ڪور ڪمانڊر جنرل سرفراز انسانيت جي خدمت جو نمونو هو، هيلي ڪاپٽر تي سوار آفيسر فلڊ رليف سرگرمين ۾ مصروف هئا. هن چيو ته فوج جاگرافيائي سرحدن سان گڏ نظرياتي سرحدن جي به محافظ آهي، ڪو محب وطن ملڪي سلامتي خلاف نٿو ڳالهائي سگهي، متحد ٿي پاڪستان خلاف سازشن کي ناڪام بڻائڻو آهي.