ڀٽ ڌڻي، ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر!

شاھ عبداللطيف ڀٽ جو گھوٽ سھڻو لطيف، سنڌ جو عظيم شاعر آھي، شاھ عبداللطيف 1689ع تي ڳوٺ ھالا حويلي ۾ ڄائو، سندس والد جو نالو شاھ حبيب ھو، جنھن شاعري ذريعي امن، پيار، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو. سندس شاعري ۾ واکاڻ، دعا، جرئت، غيرت، انسانيت، پکين، مزدورن ۽ پورھيتن سان پيار ۽ اميد شامل آھي. لطيف سرڪار فرمائي ٿو ته:

محبت پائي من ۾ رندا روڙيا جن،

تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگھائيو.

لطيف سرڪار ماضي حال ۽ مستقبل جو شاعر آھي، لطيف سائين مختلف سرن ۾ شاعري ڪئي آھي، انھن سرن ۾ سر حسيني، سرسارنگ، سرسريراڳ، سرڪيڏارو، سرمارئي، سر سسئي آبري ۽ ٻيا پڻ آھن، پاڻ مارئي جي پنھوارن، پکڙن ۾ رھندڙن سان پريت پيار نه ڇڏيو ۽ عمر جي لوھن ڪوٽن ۽ ھيرن جواھرن ۽ محلن کي ٿڏي ڇڏيو ۽ لوئي جي لڄ رکي. لاکيڻي لطيف فرمايو آهي ته:

آءُ جي ھت مياس گھور منھنجي سومرا،

ڪج پنھوارن پاس ميائي جياس وڃي مڙھ ملير ڏي.

لطيف سرڪار ماڙوئڙن لاءِ دعا ڪئي آھي ته:

سائينم سدائين ڪريم مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

اچو ته لطيف سرڪار جي پيغام کي عام ڪريون، جنھن شاعري ذريعي امن ۽ پيار جو پيغام ڏنو آھي، اسان ۽ اسان جي نئين نسل کي لطيف سرڪار جي رسالي کي پڙھڻ گھرجي، شاھ ڀٽ جي گھوٽ تي ڪانفرنسون، سيمينار ۽ مشاعرا ڪرائڻ گھرجن جن جي ھن وقت سخت ضرورت آھي.

جي تون بيت ڀائنيا سي آيتون آھين،

نيومن لائين، پريان سندين پار ڏي.

ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

سنڌڙي تعلقي ۾ بجلي جا نوان ٿنڀا لڳايو!

  سنڌڙي تعلقي ۾ برساتون ۽ هوائون عوام لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي ويون آهن، ڪنڊياري کان سنڌڙي کان کپرو روڊ تي بجلي 11 هزار تار جيڪا ڪنڊياري گرڊ اسٽيشن کان شروع ٿي سنڌڙي کان اڳتي روڊ جي ڀرسان سامارو شاخ تائين مين روڊ لڳ ٽٽل ۽ ٿوڻين تي بيٺل آهن ۽ جڏهن برسات پنهنجا وسڻ جا ويس ڪندي آهي ۽ هر طرف ڪاراڻ ٿي ويندي آهي ته شهري ڪاروباري ماڻهن سميت ٻهراڙين جي اونداهين جهڳين ۾ ويٺل سمورا ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن ۽ سندن ذهنن ۾ سوچون هونديون آهن ته الائي ڪهڙا ٿنڀا ڪرندا، الائي برسات پوڻ کان پوءِ بجلي ڪڏهن بحال ٿيندي؟ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته انهن بجليءَ جي ٿنڀن کي لڳائيندي الائي ته ڪيترا سال گذري ويا آهن پر انهن کي تبديل نه ڪيو ويو آهي ۽ ڪو شرم به ان وزارت کي نٿو اچي جو سندس ڪاردگي اهڙي آهي جو سمورا ٿنبا سڌا بيهڻ بجاءِ زمين کي پيا سجدا ڪن. برسات سان گڏ هوا اچڻ کان پوءِ هفتن جا هفتا بجلي غائب ٿي وڃي ٿي، انهن ٿوڻين تي بيٺلن ٿنڀن کي ڀلا وفاقي وزيرن ۽ مشيرن روبرو ته نه ڌٺو هوندو، ڀلا خبرن ذريعي ٽي وي وسيلي ٻڌو ۽ ڏٺو ته هوندو پر انهن جي ڪن تي ڪا جونءُ نٿي سُري جو انهن ٽٽل ٿنڀن جي سار لهن. آخرڪار بجليءَ جي بل وڌيڪ اچڻ، اربين رپين جون بجيٽون ڪيڏانهن ٿيون وڃن جو واپڊا اڌارا بجليءَ جا ٿنڀا به نٿي لڳائي سگهي؟ ان کان بهتر آهي ته ان اداري کي بند ڪيو وڃي جيئن ڪنهن شيءُ جو ڪو آسرو ته نه هجي. آئون واپڊا جي وزير مينيجئنگ ڊائريڪٽر واپڊا ۽ ڊائريڪٽر ميرپورخاص سميت سمورين لاڳاپين ڌرين کي عرض ٿو ڪريان ته ڪنڊياري گرڊ اسٽيشن کان هنڱورنو تائين سمورا ٽٽل ٿوڻين تي بيٺل ٿنڀا ڪڍي اتي نوان ٿنڀا لڳايا وڃن جيئن سنڌڙي هنڱورني جي عوام مان بيچيني ختم ٿي سگھي.

محرم علي شر/هنڱورنو

چين, آمريڪا سرد جنگ ۽ پاڪستان!‎‎

  تازو ئي گڏيل قومن جي سربراهه اهو واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن چين ۽ آمريڪا جي پاڻ ۾ ويڙهه ٿئي ٿي ته دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندي ۽ انهن جي پاڻ ۾ ويڙهه جي ڪري ٻين ملڪن کي تمام گھڻو ڀوڳڻو پئجي سگهي ٿو، گڏيل قومن جي سربراهه اهو به واضح ڪيو آهي ته اها نئين سرد جنگ وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي، چين ۽ آمريڪا جون پاڪستان سان همدرديون هاٿي وارا ڏند آهن، جيڪي کائڻ لاءِ هڪڙا ۽ ڏيکارڻ لاءِ ٻيا آهن، ان ڪري اسان جي ملڪ جي سربراهن کي اهو نادر موقعو مليو آهي ته ملڪ کي قرضن کان نجات ڏيارين ۽ ملڪ کي ترقي وٺرائين جيئن آمريڪا ۽ چين پنھنجا پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي ملڪ سان مختلف معاهدا ڪندا آهن، ايئن ئي اسان کي به چين ۽ آمريڪا سان اھڙا ئي معاهدا ڪرڻ گهرجن جن سان ملڪ ترقي ۽ خوشحالي طرف وڌي سگهي. باقي اهو اسان جا حڪمران به سمجهن ٿا ته آمريڪا ۽ چين جا ذاتي مقصد آهن، ان ڪري اسان جي حڪمرانن کي انھن جي حاضري ڀرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اسان جا حڪمران انھن جي حاضري ڀرڻ کان بچي ويا ته اهو ڏينهن پري ناهي جنهن ڏينهن اهي ملڪ سندس مفادن جي چڪرن ۾ اسان جي ملڪ اڳيان گوڏا کوڙيندا، ايئن ڪرڻ سان اسان جي ملڪ کي ڪجهه ڏکايون ضرور پيش اينديون پر چوندا آهن ته ڏکن پٺيان سک به ايندا آهن.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

ٿر جي اين جي اوز کي ڪرپشن کان پاڪ ڪيو!

  ٿرپارڪر ضلعي جي شهر مٺي ۾ مختلف اين جي اوز جون تنظيمون ڪم ڪندڙ آهن جن جي طرفان ملندڙ پراجيڪٽ هينڊ پمپ، ثمر پمپ يا آروپلانٽ مختلف ڳوٺن ۾ رشوتخور ملازمن کي وڪرو ڪيا پيا وڃن، اين جي اوز جا ڪرپٽ ملازم مختلف ڳوٺن ۾ وڃي سروي ڪري غريب ماڻهن کان 10 هزار کان 20 هزار رپيا رشوت وٺي ثمر پمپ، هينڊ پمپ يا آروپلانٽ وڪرو ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته تنظيمن وارن کي مٿان کان امير ماڻهن طرفان هر شيءِ مفت ۾ ملي ٿي، تنظيمن جا اڳواڻ بور ڪرائڻ جو جواز ڄاڻائي غريب ماڻهن کي 10 هزار کان 20 هزار رپيا رشوت وٺن ٿا، جڏهن ته ڊونرن حضرات پاران تنظيمن جي ملازمن کي مٿان هر شيءِ مفت ۾ فراهم ڪئي ويندي آهي، ملازم پنهنجو خرچ غريب ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري بور يا ٽانڪي ٺهرائڻ جو جواز ڄاڻائي پنهنجو خرچ ڪڍي رهيا آهن، ڊونر حضرات کي انَ بابت ڪا به ڄاڻ اڃان تائين نه ملي سگهي آهي. اسان ڊونر حضرات کي هن چٺي وسيلي اپيل ٿا ڪريون ته ضلعي ٿرپارڪر جي شهر مٺي ۾ اوهان پنهنجن رکيل ملازمن جي ڪيل ڪمن جي جاچ ڪرايو ته جيئن توهان کي سڄي خبر پئجي سگھي ته هو هتان جي اٻوجھه ماروئرن سان ڪهڙيون ويڌنون ڪري رهيا آهن.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر‎‎

قصو اڃا باقي آھي!‎‎

  پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڪرڻ جي لاءِ اولهه جو بلاڪ جنھن ۾ آمريڪا، برطانيا، ڀارت ۽ جرمني سميت ڪيترائي ملڪ ھڪ ٿي ويا آھن. تازو ئي نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان جو دورو اڌ ۾ ڇڏي واپس ھلي وئي ۽ برطانيا به پاڪستان سان ڪرڪيٽ کيڏڻ کان معذوري ظاهر ڪري ڇڏي آهي، ملڪ جي اھا صورتحال آھي جو پيٽرول سميت ضرورت جون سڀ شيون آسمان سان ڳالھائي رھيون آھن. مٿان آءِ ايم ايف ۽ اي ٽي ايف جون تلوارون پاڪستان جي مٿان لڙڪي رھيون آھن، جنھن سان ايندر ڏينھن ۾ ملڪ اندر مھانگائيءَ جي سونامي اچي ويندي، جنھن سبب غربت، بک ۽ بيروزگاري انتهائي گھڻي واڌ اچي ويندي ۽ امن امان جي صورتحال جيڪا پھريائين ئي صحيح نه آھي ويتر خراب ٿي ويندي. حڪومت جي غلط پاليسين سبب عوام کي مھانگائي ۽ بيروزگاري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويو آھي ۽ پاڪستان جو عوام ڪنھن مسيحا جي انتظار ۾ آھي، جيڪو اچي ھنن حالتن ۾ ڦاٿل عوام کي ڪڍي سگھي.

فرخ حسين/ڳوٺ شاھو خان جمالي

سوشل ميڊيا جا فائدا ۽ نقصان ۽ اسان جو نوجوان!

  دنيا جا اسريل ملڪ ھاڻي چنڊ ٽپي اڃا اڳتي وڃڻ جي تيارين ۾ مصروف آهن، دنيا جون چنڊ تي پھچڻ پراڻو ٿي چڪو آهي، دنيا ھڪ گلوبل وليج جيان آهي، اھو جملو به ھاڻي نئون ناھي رھيو، ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ ترقي يافتا ملڪن ۾ اڳتي نڪرڻ جا مقابلا ھلي رھيا آهن، ھر ملڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ آهي، وڏو پئسو ۽ وقت پاڻ کي ٻئي کان مٿي ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳايو پيو وڃي. جديد ٽيڪنالوجي جنهن تيزيءَ سان گذريل ڏھاڪي ۾ ۽ موجوده ڏھاڪي جي شروعات ۾ ترقي ڪئي آهي، ان جو مثال اڳ ۾ نٿو ملي. ان جديد ترين ٽيڪنالوجي جيڪا انٽرنيٽ جي ذريعي ممڪن بڻي آهي ان کي دنيا جو اٺون عجوبو چوڻ به شايد مڪمل انصاف نه ھجي جو ڪجهه ڏھاڪا پھرين ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪو واقعو ٻي شھر جي واسين تائين پھچڻ ۾ ڏينهن لڳندا ھئا، ھاڻي دنيا جي ھڪ ڪنڊ ۾ ڪو واقعو ٿي وڃي ته ٻي ڪنڊ ۾ پھچڻ ۾ ڏينهن نه ڪلاڪ به نه منٽ لڳن ٿا، اھو ڪارنامو بيشڪ انٽرنيٽ جو ڪارنامو آهي، سوشل ميڊيا اھي ڪم ايترو ته سولا بڻائي ڇڏيا آهن جو ان جو تصور نٿو ڪري سگھجي. اسريل ۽ ان جا ادارا يا عام شھري سوشل ميڊيا ذريعي وڏا وڏا ڪم ۽ منصوبا جوڙي رهيا آهن، ان مان وڏو فائدو حاصل ڪري رھيا آهن، جنهن سان نه رڳو اھي ترقي جي عمل وسيلي ملڪ جي خدمت ڪري رھيا آهن پر پنهنجي روزگار ۾ پڻ اضافو ڪري رھيا آهن. اسان وٽ وري سوشل ميڊيا جنهن ۾ فيسبڪ واٽس ايپ ٽڪ ٽاڪ يا ٽوئيٽر شامل آهن ذريعي صرف اجايا ڪم ٿي رهيا آهن، عام شھري تفريح کان سواءِ ٻيو ڪو پروفيشنل ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ان تفريح ۾ اسان ايترا ته مشغول آهيون جو ٻي جي پرائيويسي جو به خيال ناھيون رکندا، جڏهن ته پنهنجي موجودگي ۽ مشھور ٿيڻ خاطر اھڙيون وڊيوز ٺاھڻ جون خطرناڪ ڪوششون ڪندا آهيون جنهن سبب ھر سال سوين نه ته به درجنين زندگيون ضايع ٿي وڃن ٿيون. پاڪستان ۾ ان بابت قانون جي اڻاٺ يا عمل نه ٿيڻ ڪري اھڙا واقعا معمول آهن، حڪومت کي کپي ته ان طرف به ڌيان ڏي ۽ ماڻهن ۾ اھڙو شعور پيدا ڪري جنهن ۾نه رڳو اھڙا واقعا ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي پر اسان پڻ ان جو استعمال باقي دنيا جيان مثبت ڪري پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪريون.

سليم اختر لغاري/ ڌڱاڻو بوزدار

گلشن حديد ڪاميٽي معاملي جو نوٽيس وٺي!

  ٻڌو آهي ته وڏن شهر ۾ باقائدي قانون تي عمل ٿيندو آهي پر عمل جو دارومدار ڪهڙي نوعيت جو هوندو آهي اها خبر ناهي نه ئي قانون وارن ڪڏهن ٻڌايو آهي، ڇو جو 10، 12 سالن جي ٻار کي به خبر آهي ته “رشوت” ڇاکي چئبو آهي، سو قانون ان ۾ لڙهي ٿو وڃي باقي ٿا بچن “قانون وارا” جن جو “حلال” روزگار ئي قانون جي نالي تي هلندڙ آهي، سنڌ جي پهرين نمبر وڏي شهر ۽ گادي واري هنڌ ڪراچيءَ جي علائقي گلشن حديد ۾ مون قانون کي گهٽا ايندي ڏٺو آهي، مقصد تي هتي قانون جي گهڻي لتاڙ مسافر رڪشا وارا ڪن ٿا، گلشن حديد جي علائقن فيز ون ۽ فيز ٽو ۾ مختلف رڪشا اچي ويا آهن، سهولت سٺي آهي، ننڍڙو روزگار به آهي پر اهي رڪشا موٽر سائيڪلن وارن ۽ پنڌ هلندڙن لاءِ خوف جي علامت بڻيل آهن، رڪشا وارا ڄٽڪي انداز سان رڪشا هلائن ٿا، نه سائيڊ ٿا ڏسن ۽ نه اڳيا ڪا گاڏي، نه پويان ايندڙ گاڏي جو خيال ٿا رکن نه ويٺل مسافرن جو ڪو کين خوف آهي! سڀ ڪجهه پنهنجي مرضي سان پيا ڪن. انهن جي اهڙي جاهلاڻي عمل جي ڪري پنڌ هلندڙ ۽ خاص ڪري موٽرسائيڪلن وارن کي تمام گھڻي پريشاني ٿئي ٿي، گلشن حديد ۾ ٽريفڪ پوليس ته موجود ناهي پر گلشن حديد ڪاميٽي جوڙيل آهي، جيڪا مختلف مقامي ۽ انتظامي مسئلا ڏسندي ۽ انهن جو مناسب حل ڪڍندي آهي. انهن کي اپيل ڪجي ٿي ته پنهنجو فرض سمجهي انسانيت کي نقصان کان اڳواٽ بچائڻ لاءِ مسافر آٽو رڪشا وارن خلاف فوري طور قدم کنيو وڃي ۽ ڪو سزا جزا جو عمل جوڙيو ته وڃي ته جيئن ڪو به جاني نقصان نه ٿئي ۽ انساني جانيون محفوظ رهي سگھن.

درياءُ خان جهتيال/گلشن حديد ڪراچي

ڪرڪيٽ ۾ جوئا سبب تباهه ٿيندڙ نئون نسل!

  ڏٺو وڃي ته ڪرڪيٽ کيڏڻ راند سان گڏ هڪ وندر به آهي ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ سان جسم جي ورزش پڻ ٿيندي آهي، پر ان سان گڏوگڏ نئين نسل لاءِ ڪرڪيٽ کيڏڻ نقصانڪار به آهي، اڪثر نئون نسل ڪرڪيٽ تي شرط رکندا آهن، جيڪي اسڪول ڪاليج وڃڻ بدران سڄو سڄو ڏينهن هوٽلن تي ويهي پنهنجو وقت برباد ڪندا آهن، ان حساب سان ڏٺو وڃي ته ڪرڪيٽ ۾ جوئا کيڏڻ هڪ طريقي جو نئون ڪاروبار آهي، جنهن ۾ ميچ فڪسنگ جو ڪاروبار اڪثر ٿيندو رهندو آهي، ڪافي سال پهريان ميچ فڪسنگ جو ڪاروبار ملٽي نيشنل ڪمپنين جي طرف کان سروع ٿيو هو، هن ودران ممبئيءَ جي ڪجھه جوئارين جن کي مقامي زبان ۾ بڪي به چيو ويندو آهي، پهرين ئي ميچ تي جوئا هنن شروع ڪئي، ان کان پوءِ پوري ملڪ جيان پاڪستان ۾ به اڪثر ماڻهن جوئا جو سلسلو جاري رکيو، جن مان اڪثريت ننڍي نسل جي آهي، ممبئيءَ جا بڪي رانديگرن ۽ ٽيمن تي داءُ لڳائيندا هئا، هارائڻ واري کان پئسا وصول ڪري کٽڻ واري جي حوالي ڪندا هئا ۽ انهن کان پنهنجي ڪميشن اوڳاڙيندا هئا، اهو ڪاروبار هلڻ لڳو ته ماڻهن پڻ رانديگرن سان رابطو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، اهي جوئاري داءَ لڳائڻ کان پوءِ ڪئچ ڇڏڻ، بال ڪمزور ڪرائڻ، مس فيلڊ ڪرڻ، فلاڻي بال تي ڇڪو، چوڪو هڻڻ، وغيره شامل هو. جيڪي بڪي اربين رپيا پڻ ڪرڪيٽ مان ڪمائيندا هائ ۽ هڪ حصو سهڪار ڪرڻ وارن کي ڏيندا هئا، ڪجھه ئي ڏنهن ۾ هي ڪاروبار ڀارت جي شهر ممبئيءَ کان نڪري پوري دنيا تائين ڦهلجي ويو ۽ بڪين هر ميچ فڪس ڪرڻ شروع ڪئي. ٽاس ۽ پهرين بال تي شرطون لڳڻ لڳيون ۽ اسڪينڊل پڻ ٺهيا، بڪين رانديگرن تي ڪيس پڻ ڪيا ۽ راندينگرن کي سزائو پڻ ٿيونن پر وري به هي جوئا ۽ ميچ فڪسند جو ڪاروبار جاري رهيو، جيڪو هاڻي پاڪستان جي چئني صوبن ۾ هلي ٿو. ڀلا اهڙي ڪاروبار کي ڪير بند ڪرائي جنهن ڪاروبار جي ڪري اربين رپيا هيڏانهن هوڏانهن ٿيندا هجن. ڪافي سال پهرين خبر ائي ته بڪين به ملٽي نيشنل ڪمپني جي طرفان پنهنجي رانديگرن کي انڊسٽري لڳائي ڏني آهي جيئن اهي پنهنجي ايجنٽن جي مدد سولائيءَ سان ڪري سگھن ۽ گھٽي گھٽي ۽ پاڙن مان نئين ٽئلينٽ کي گڏ ڪن. ميچ فڪسند جي بخار ۾ اڄ اسان جي ملڪ جا ڪرڪيٽر به ورتل آهن.، تازو مثال ڪجھه ڏينهن اڳ ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪجھه رانديگرن ميچ فرڪس ۾ پڪڙجي پيا آهن انهن رانديگرن سان گڏ نئون نسل به تباهه ٿي رهيو آهي.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

  سڄي رات بجلي اکيون ڀڄندي رهي، يعني ڊم فل ٿيندي رهي، مٿي آڪاش جا تارا اسان ڏي ليئا پائي رهيا هئا، جن ڏي اشرف پهوڙ نهاريندي چيو ته ادا آصف توهان ڪائنات ۾ پهريان ڪڏهن اهڙي خوبصورتي ڏٺي آهي؟ آئون هڪ خوبصورت تاري کي ڏسي تصور جي دنيا ۾ ڪنهن کي ڏسي هن سان مخاطب ٿيس ته ڇا هي تنهنجي سونهن جي اڳيان ڪا معنيٰ رکن ٿا، انهن قيدين کي هي لک وڻن پر تنهنجي حُسن جي اڳيان هي تارا بس پٿر جا ڪجھه ٽڪرا ئي ته آهن. توکي ڏٺي اڌ ڏينهن گذري ويو آهي پر آئون اڃا مدهوش آهيان ۽ انهيءَ ئي مدهوشيءَ ۾ رهڻ ٿو چاهيان، اهو به سڄي عمر، آئون رات جي هن پهر جي هير ۾ تنهنجي مهڪ محسوس ڪري رهيو آهيان. آئون ڇاڻان ٿو ته تون به بس هن وقت بابت ئي سوچي رهي آهين ۽ انهيءَ ئي سوچ سان آئون جيئرو آهيان. مون کي سوچن ۾ گم ڏسي حنيف پهوڙ چيو ته ادا آصف الله جي ڏني مان ڪجھه ٻڌايو ته جيئن رات اڃا سُهاني ٿئي. مون پنهنجي ڊائري کڻي دوستن کي ٻڌائڻ شروع ڪيو:

ٿَر جي صحرا ۾ جيئن ڦُڙي پاڻيءَ جي ملي،

يا قيد ۾ گل گلاب جو پيلو کِلي،

رات جي تاريخ واديءَ ۾ چنڊ ٿئي رقص زن،

يا ٻڏندڙ ٻيڙي ڪناري عاشقن جي اچي لڳي،

خواب جي تعبير ملي پوءِ ڪنهن کي جنهن طرح،

انهيءَ طرح هستي کي منهنجي تنهنجي هستي اچي ملي،

آرزو ۽ خواهش جي پوري ٿئي آصف،

زندگيءَ سان زندگي ۾ اچي ملي.

  صبح جو منهنجي مشقتيءَ ناشتو ڪرائڻ کان پوءِ مون کي نسيم حجازيءَ جو ناول “اور تلوار ٽوٽ گئي” کڻي ڏنو، مون وڏي وقت کان پوءِ حجازي صاحب جو ڪو ناول کنيو آهي، اور تلوار ٽوٽ گئي، ناول معظم ملي جو ٻيو حصو آهي پر هي معظم علي کان ڪافي مختلف لڳي رهيو آهي. گڊو مستريءَ کي سڏرائي ٽي وي ڏيکاريم، هُن ٻڌايو ته هن جو سرڪٽ بدلي ٿيندو، جنه لاءِ ٽي وي ٻاهر موڪلڻي پوندي، زمان گبول موٽي کپائيندو اچي اسان واري کوليءَ تي نڪتو جنهن ڀوڳ ڪري سموري سنگت جي چهري تي مُرڪ وکيري ڇڏي ۽ بدين جيل مان سپاهي مبارڪ چانڊيو جا سلام آيا ۽ پيغام مليو ته هو روز منهنجي ڊائريءَ جا ورق پڙهندو آهي، هن سان گڏ وقت گذاريل ياد اچي وئي، هو هڪ بهتر انسان آهي جنهن کي قيدين جو تمام وڏو احساس آهي. حنيف اڄ ڪلهه کائڻ پيئڻ تي پنهنجو ڪانٽو سئو تي رکيو آهي، هو جلد کان جلد باڊي بلڊر ٿيڻ ٿو چاهي پر هن کي خبر ناهي ته باڊي بلڊر ٿيڻ لاءِ لوهه جا ڊمپل ٿا کڻڻا پون. شام جو ڪجھه دير پارڪ ۾ پسار ڪرڻ کان پوءِ کوليءَ ۾ آيس، اڄ منهنجي مٿي ۽ ڪنڌ ۾ هلڪو هلڪو سور هو پر مون پوءِ به ونگز جي سخت ورزش ڪئي.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (18 آگسٽ 2021، رات جا 07:15 وڳا)

استادن جي ڀرتي ۽ ميرٽ جي لتاڙ!

                 ڪافي وقت کان پوءِ بيروزگار عوام کي جي ڪو نوڪري جو آسرو مليو ته اها استادن جي نوڪري هئي، ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ سنڌ سرڪار مجبور ٿي 37 هزار جي لڳ ڀڳ آءِ بي اي سکر هٿان استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن ۾ لڳ ڀڳ 5 لک پڙهيل لکيل بيروزگار نوجوانن اپلاءِ ڪيو، جنهن مان هزارين جي تعداد ۾ ماڻهو ٽيسٽ ڏيڻ واري عمل مان خارج پڻ ڪيا ويا. اها به سنڌ سرڪار جي چال هئي، ڇاڪاڻ ته ان مان به سنڌ سرڪار جي اڪائونٽ ۾ 14 ڪروڙ کان به وڌيڪ رقم جمع ٿي. ان کان پوءِ جڏهن آءِ بي اي سکر جو ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل شروع ٿيو ته چڳن ڀلن جون وايون بتال ٿي ويون. آءِ بي اي سکر جيڪي شرط رکيا اهي انتهائي ڏکيا هئا، ٽيسٽ ۾ آيل سوال ته بظاهر ڪورس جا ئي ڏيکاريا ويا پر ڪنهن ڪميشن جي امتحان کان گهٽ نه ھئا. سنڌ سرڪار 55 سيڪڙو تي پاس ڪرڻ وارو فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ پڻ هر سبجيڪٽ ۾ تقريبن 20 مان 8 مارڪون کڻڻ لازمي قرار ڏنيون ويون. ڏٺو وڃي ته ڪنهن به سبجيڪٽ ۾ 20 مان 8 مارڪون کڻڻ ڪا وڏي ڳالهه به ناهي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ سرڪار هر اسڪول تي صرف ھڪ ئي استاد مهيا ڪندي ڇا؟ جيڪو سڀئي سبجيڪٽ پڙهائيندو؟ سنڌ سرڪار وارو فيصلو 55 سيڪڙو پاس مارڪس وارو ته درست آهي پر اهي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ وائز رکڻ گهرجن ها. جنهن جي به جنهن سبجيڪٽ ۾ گرپ آهي اهو ان سبجيڪٽ جو 50 سيڪڙو ٽيسٽ جو حل ڪري ها ۽ 50 سيڪڙو  ٻين سبجيڪٽس ۽ جنرل ناليج لازمي قرار ڏني وڃي ها. ان مان فائدو اهو به ٿئي ها ته جنهن کي جنهن به سبجيڪٽ ۾ سٺي گرپ هجي ها اهو بهترين طريقي سان ٽيسٽ به پاس ڪري وڃي ها ۽ پنهنجو سبجيڪٽ به سٺي طريقي سان شاگردن کي پڙهائي سگهي ها. نتيجن سنڌ ۾ تعليم جو مهيار به سڌري پوي ها ۽ جيڪي لکين بيروزگار پڙهيل لکيل نوجوان آهن انهن کي به ميرٽ تي نوڪريون ملي وڃن ها. ان ڪري بهتر اهو ٿيندو جو آءِ بي اي سکر ۽ سنڌ سرڪار شرطن ۾ ترميم ڪري ٽيسٽ واپس وٺي ۽ جيڪو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ماڻهو آهي ان کي به موقعو ڏي ته جيئن تعليم کاتي ۾ سٺا استاد به ڀرتي ڪري سگهجن ۽ منهنجي خيال ۾ ٽيسٽ کي به پاس ڪرڻ ۾ انهن کي ڏکيائين کي منهن  نه ڏيڻو پوندو.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول