حريم شاهه جي شادي بابت نئين دعويٰ، مڙس جون تصويرون وائرل

0
574

ڪراچي(م ڊ) معروف ٽڪ ٽاڪر ۽ مختلف تڪرارن جو شڪار رهن واري حريم شاهه پنهنجي مڙس جي پهري کان شادي شده ۽ پ پ ايم پي ايم هجڻ واري دعويٰ کان ڦري وئي، پر هن جو چوڻ آهي ته سندس مڙس جو نالو بلال شاهه آهي ۽ ان جو واسطو پ پ سان آهي.

نجي ٽي وي جي ويب سان ڳالهائيندي هن چيو ته سندس مڙس هن سان شادي ڪرڻ کان اڳ غير شادي شده هو.

حريم شاهه جي دعويٰ آهي ته بلال شاهه جو واسطو پ پ سان آهي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي گهڻو ويجهو به آهي.

واضح رهي ته ڪجهه مهينا اڳ حريم شاهه پنهنجي مڙس جو نالو ٻڌائڻ کانسواءِ دعويٰ ڪئي ته هن پ پ ايم پي اي سان شادي ڪئي آهي.

حريم شاهه جي دعويٰ کانپوءِ سعيد غني سوڌو ڪيترن ئي پيپلز پارٽي جي ميمبرن دلچسپ بيان ڏنا ۽ حريم جي بيان کي ڪوڙو قرار ڏنو هو.

حريم شاهه ان وقت چيو هو ته سندس مڙس صوبائي وزير آهي ۽ سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت به ڪري ٿو۽ پهريان ئي شادي شده آهي، جڏهن هو پهرين گهرواري کي راضي ڪندو ته پوءِ سڀني کي مڙس بابت ٻڌائينديس، پر هاڻي هوءَ پنهنجي بيان تان ڦري وئي ۽ چيو ته اها مذاق ڪئي هئي.

هن هڪ ڀيرو وري دعويٰ ڪئي ته سندس مڙس جو نالو بلال شاهه آهي جنهن واسطو پيپلز پارٽي سان آهي.

جڏهن ته هن وقت تائين حريم شاهه جي بلال شاهه سان شادي جي تصديق ناهي ٿي سگهي ۽ حريم شاهه نڪاح جي تصوير يا ٻي تفصيل به شيئر ڪرڻ کان به پاسو ڪيو آهي.