پنجون سال هلي پيو، ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان، انصاف جي اميد آهي: ام رباب

0
193
پنجون سال هلي پيو، ڪورٽن

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ام رباب چانڊيو چيو آهي ته منهنجي گهر ڀاتين جي قتل واري واقعي کي 4 سال مڪمل ٿي ويا ۽ هاڻي پنجون سال شروع ٿيو آهي، مان ڪورٽ جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان ۽ مون کي اميد آهي ته هتان ئي انصاف ملندو

ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي گهر ۾ وڏو واقعو ٿيو آهي ۽ ان ڪيس ۾ جيڪي جوابدار آهن 2 ڀائر پ پ جا موجوده ايم پي اي آهن، هن چيو ته اسان کي يقين آهي ته ڪورٽ آزاد آهن ۽ اسان عدالت تي اميد رکون ٿا، اسان کي اڄ 11 تاريخ ملي آهي، مان هڪ نياڻي ٿي ڪري 5 سالن کان ڪورٽ جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان

هن چيو ته هتي انصاف ملڻ ايترو ته مشڪل آهي، مان هڪ جدوجھد ڪيان پئي، جاگيرداري نظام خلاف اسان ڪافي چينج ڏٺو آهي، اسان جيڪي جدوجهد ڪئي آهي ان جو اسان کي ڦَل ملي ٿو

هن چيو ته هتي اسان جيڪو ڪورٽ جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون اهو عدليه تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي، ماڻهو اچن ٿا هتي انصاف جي لاءِ اچن ٿا اسان جي ٻي ڪا ڊمانڊ ناهي، اسان کي اڄ به خطرو آهي، هن چيو ته جوابدار ڌر هاڻي به ماڻهو وٺي گهمن ٿا ۽ چون ٿا ته اوتري سيڪيورٽي ڇو آهي جيڪڏهن هن کي ڪا اسان جي سيڪورٽي تي تڪليف آهي ته هو سپريم ڪورٽ وڃن

ام رباب چانڊيو  چيو آهي ته اسان هٿيارن جي آڌار تي گهمون ٿا، هي آسان ناهي، هر انسان کي هتي آزاد جئيڻ جو حق آ، اسان کي ٿريڊ آهي، هن وقت تائين اسان هٿيار کڻي ٿا گهمون ٿا، اسان جي زندگيءَ آزاد ناهي، مان چيف جسٽس کي اپيل ٿي ڪيان ٿر ته اسان کي انصاف ڏنو وڃي ۽ مون  کي 5 سال گذري ويا آهن مان ڪنهن کان انصاف وٺان

هن چيو ته ايم پي  ايز ڀائر ڪيس کي ڊلي ڪرڻ لاءِ ھي سڀ حربا ھلائن پيا،  پنجون سال ھلي پيو انصاف ناھي مليو، مسلسل ڪورٽن چا چڪر ڪاٽيان پئي

ھي به پڙھندا

اسان جو موقف درست ثابت ٿيو، سردار ڀائر قتل ڪيس ۾ ملوث آهن: ام رباب چانڊيو