لاهور (م ڊ) وفاق کانپوءِ پنجاب ۾ به گڏيل اپوزيشن ڪاميابي لاءِ پراميد آهي ۽ گڏيل اپوزيشن جي نامزد وڏي وزير حمزه شهباز جي سربراهي ۾ شروعاتي فارمولي تي ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب پنجاب ۾ اسپيڪرشپ جو عهدو ترين گروپ کي ملڻ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ سعيد اڪبر نواني سميت ٻه نالن تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب ڊپٽي اسپيڪر جو عهدو مسلم ليگ ن کي ڏيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي به پنجاب ۾ 2 کان 3 وزارتون ملڻ جو امڪان آهي، پيپلز پارٽي کي ٻه پارلياماني سيڪريٽري ۽ 2 اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين شپ به ملڻ جو امڪان آهي، سينيئر وزير جي عهدو به اتحادي پارٽي پيپلز پارٽي کي ملڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي حسن مرتضيٰ، مخدوم عثمان ۽ علي حيدر گيلاني امڪاني وزيرن ۾ شامل هوندا. ذريعن موجب ن ليگ جي ملڪ احمد خان، راڻا مشهود، نديم ڪامران، عمران نذير کي وزير بڻائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته عظميٰ بخاري، سلمان رفيق، راڻا محمد اقبال کي به وزير بڻائڻ جو امڪان آهي. ان کانسواءِ بيگم زڪيا شاهه نواز، مجتبيٰ شجاع، جگنو محسن ۽ ٻين کي به وزير بڻائي سگھجي ٿو، جڏهن ته راهه حق پارٽي کي به منصب ڏيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ حڪومت سازي جي حتمي منظوري وزيراعظم شهباز شريف، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري ڏيندا.