سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر- حيدرآباد موٽروي پروجيڪٽ جي تعمير بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ درخواست جي ٻڌڻي، نيشنل هاءِ وي جي ذميوار آفيسرن مٿان سخت  ڪاوڙ جو اظهار، عدالت لاڳاپيل عملدارن کان ڪم شروع ٿيڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس ارشد حسين خان ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ٻه رڪني بئنچ سکر- حيدرآباد موٽروي تعمير نه ٿيڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران طلب ڪرڻ تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا. جسٽس امجد علي سهتو آفيسرن پڇاڻو ڪيو ته حيدرآباد- سکر موٽروي جو ڪم شروع ڇو ناهي ڪيو ويو. جسٽس امجد علي سهتو رمارڪس ڏيندي چيو ته پوري ملڪ ۾ موٽروي ٺهي ويا آهن پر سنڌ ۾ ناهن ٺهيا. ان تي نيشنل هاءِ وي جي عملدار عدالت کي ٻڌايو ته ٽيڪنيڪل سبب ڪري موٽروي جو ڪم شروع ناهي ٿيو، هاڻي هڪ ڪمپني حامي ڀري آهي، جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. ان تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ  جي جسٽس امجد علي سهتو رمارڪس ڏيندي چيو ته لکي ڏنو وڃي ته ڪيتري عرصي ۾ ڪم شروع ڪيو ويندو. اين ايچ اي جو سنڌ سان ورتاءُ الڳ ڇو آهي، سنڌ جي نيشنل هاءِ جي حالت موت جي کوهه جهڙي آهي.ڄامشورو سيوهڻ روڊ تي روزانو موتمار حادثا ٿين ٿا. هر 35 ڪلوميٽرن تي ٽول پلازا قائم ڪري ماڻهن کان زبردستي اوڳاڙي ڪئي پئي وڃي. جسٽس امجد علي سهتو وڌيڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته روزانو ست کان اٺ شهري حادثن سبب موت جو شڪار ٿين ٿا.سنڌ ۾ صرف ٻه روڊ آهن جن کي ورهين کان ناهي ٺاهيو ويو. لکت ۾ ڏنو وڃي ته ڄامشورو سيوهڻ روڊ 30 جون تائين مڪمل ڪيو ويندو، گذريل چئن سالن ۾ ڪو به پروجيڪٽ ناهي ٺاهيو ويو. جيڪڏهن عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته سيڪريٽري ڪميونيڪيشن ۽ چيئرمين اين ايچ اي کي طلب ڪيو ويندو. ان تي اين ايچ اي جي عملدار عدالت کان مهلت طلب ڪندي چيو ته وقت ڏنو وڃي، پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪيو ويندو. عدالت اين ايڇ اي کي مهلت ڏيندي 17 مئي تي اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.