پنجاب جي علائقي چڪ 102 سر ڀوري مان گهران نڪتل 3 ٻارڙا هٿ

0
336

رائونتي: پنجاب جي علائقي چڪ 102 سر ڀوري مان گهران نڪتل 3 ٻارڙا هٿ اچي ويا، پنجاب جي علائقي چڪ 102 سر  ڀوري مان گهران نڪتل 3 ٻارڙا هٿ اچي ويا، ٻارن کي وارثن حوالي ڪيو ويو

ان سلسلي ۾ صدر پوليس جو چوڻ آهي ته ڊي پي او رضوان عمر گوندل جي  نوٽيس بعد بهاولپور ۾ ڪارروائي  ڪئي وئي، ٻارڙن کي بهاولپور مان هٿ ڪري  قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي  ڪيو ويو

پوليس ترجمان موجب هٿ ڪيلن ۾ 14 ورهين جي شازيه، 11ورهين جو اعصام ۽ گهر ۾ ڪم ڪندڙ 14ورهين جي عطيه شامل آهن

گهر مان ٻارڙن جو لکيل خط مليو هو جنهن ۾ مشهور ٿي واپس اچڻ بابت لکيل هو، شازيه ۽ اعصام سي سي ٽي وي ڪيمرا  ۾ گهر ۾ ڪندڙ نينگري سان گڏ خوشي سان ويندي نظر آيا