پناهگيرن جي معاملي تان بيلارس جي آمريڪا ۽ يورپي ملڪن سان ڇڪتاڻ

0
511
يورپي ملڪن سان ڇڪتاڻ
پناهگيرن جي معاملي تان بيلارس جي آمريڪا ۽ يورپي ملڪن سان ڇڪتاڻ

لنڊن: بيلارس ۽ پولينڊ جي سرحد تي هزارين پناهگير ڦاٿل آهن جيڪي ٿڌ، خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. يورپي ميڊيا جي رپورٽس موجب ٿڌ وگهي 8 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ٻنهي ملڪن جي سرحد تي ڦاٿل پناهگيرن ۾ اڪثر جو تعلق وچ اوڀر جي ملڪن سان آهي. پناهگيرن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پناهگيرن واري معاملي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ۽ ڪائونسل جي مستقل ميمبر ملڪن آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس پاران هڪ گڏيل مذمتي بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته بيلارس جي حڪومت پنهنجي انساني حقن جي لتاڙ وارن معاملن تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ لاءِ پناهگيرن واري معاملي کي هٿ وٺي خراب ڪري رهي آهي. البانيا، ايسٽونيا ۽ آئرلينڊ پاران گڏيل مذمتي بيان جي حمايت ڪئي وئي، جڏهن ته بيلارس جي اتحادي روس اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

آمريڪا ۽ ان جي اتحادين پاران جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته بيلارس جي اختيارين جو سرحد تي ڦاٿل پناهگيرن سان رويو ظالماڻو ۽ بي رحماڻو آهي. گڏيل قومن ۾ روس جي نائب سفير دمتري پوليانسڪي الزامن کي رد ڪندي چيو ته اهڙا ڪيترائي ڪيس موجود آهن، جن ۾ لٽوانيا ۽ پولينڊ جي سيڪيورٽي اهلڪارن پاران پناهگيرن تي تشدد ڪيو ويو آهي. اهڙا واقعا شرمناڪ ۽ عالمي اداري جي ضابطن جي کليل ڀڃڪڙي آهن

ٻئي پاسي بيلارس جي سربراهه اليگزينڊر لڪاشينڪو  خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن يورپي يونين پاران وڌيڪ پابنديون لڳايون ويون ته بيلارس يورپي ملڪن جي گئس بند ڪري ڇڏيندو. صدر لڪاشينڪو چيو ته اسان يورپين کي ٿڌ کان بچائي رهيا آهيون ۽ اهي ئي اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

انساني حقن جي بين الاقوامي تنظيمن جو چوڻ آهي ته بيلارس ۽ پولينڊ جي سرحد تي ڦاٿل ماڻهن جي بروقت امداد نه ڪئي وئي ته ٿڌ، بک ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ ماڻهو مري سگهن ٿا. بين الاقوامي تنظيمن موجب سرحد تي ڦاٿل ماڻهن ۾ ڪردن جي اڪثريت آهي