اڳواٽ اي سي ايل ۾ موجود شهباز شريف جو نالو ٻيهر اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش

0
172
رياست جي رٽ چئلينج ڪندڙ

ڪراچي: قومي احتساب بيورو (نيب) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا شهباز شريف، قائم علي شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت کي اڃا تائين ڪابينا جي سمري نه ملي آهي

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته سمري ملندي ئي گهرو وزارت انهن شخصيتن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهندي. ياد رهي ته شهباز شريف جو نالو اڳ ئي اي سي ايل ۾ آهي ۽ نيب ماضي ۾ به ڪرپشن جي مختلف الزامن ۾ انهن شخصيتن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري چڪو آهي.