پشاور وري دھشتگردن جي نشاني تي!

0
229
زھر بڻيل ضمير جي زندگي ۽ نفس جون ناانصافيون!

ملڪ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر دھشتگردي جي لھر شروع ٿي رھي آهي. ڪجهه عرصي کان ملڪ جي مختلف علائقن، خاص طور خيبر پختونخواھ ۽ بلوچستان ۾ وقت به وقت دهشتگردي ٿي آهي. ڪڏهن پاڪ فوج جي جوانن ۽ فوجي چوڪين کي دھشتگردي جو نشانو بڻايو ٿو وڃي ته ڪڏهن وري ملڪ جي عام معصوم ماڻهن تي حملا ڪري ملڪ جو امن خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي وڃي ٿي.تازو ڪالهه جمعي جي نماز دوران پشاور جي ڪوچه رسالدار واري علائقي ۾ جامع مسجد ۾ جڏهن ماڻهو نماز ادا ڪري رھيا ھئا ته کين نشانو بڻايو ويو. ميڊيا جي  اطلاعن  مطابق دھشتگرن پهرين مسجد جي سڪيورٽي تي موجود اھلڪار کي فائرنگ جو نشانو بڻايو ان کان پوء خودڪش بمبار مسجد ۾ داخل ٿي پيش امام جي ويجھو پهچي ڌماڪو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اھلڪارن سميت 57 کان وڌيڪ معصوم نمازي شھيد ٿي ويا آهن ۽ 200 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، شهيدن جي انگ ۾ واڌ ٿيڻ جو پڻ خدشو آهي.

ھي انتھائي افسوسناڪ واقعو آهي جنهن  جي  جيتري مذمت ڪجي اھا گھٽ آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ماضي ۾ تمام گھڻو دھشتگردي  کي ڀوڳيو آهي، نه ڄاڻ ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، ان کان علاوه ملڪ جي فوج جا جانثار جوان ھن دھشتگردي جي ور چڙھيا آهن. ان کان اڳ انهن انسانيت دشمن ۽ امن دشمن   دھشتگردن پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول جي انهن معصوم ٻارڙن کي به  نه  بخشيو هو، جن جون مائرون انهيَ انتظار ۾ پنهنجي گهر جي چائنٺ ۾ اکيون اڙايو ويٺيون ھيون ته ڪڏهن ٿان سندن جگر جا ٽڪر گھر موٽن ۽ ھو ڊوڙي کين ڳلي لائن، پر انهن جي انتظار کي گلن جهڙن ٻارن جا لاشا وصول ڪندي ختم ڪرڻو پيو هو. پشاور کان سيوھڻ تائين ملڪ جي ھر فرد ھن دھشتگردي کي ڀوڳيو آهي پر اڃا تائين ھي دھشتگردي جي لھر ختم نه ٿي آهي. آئون سمجھان ٿو ته  ھڪ ڀيرو ٻيھر ھي ھڪڙي سوچيل سمجھيل سازش تحت ملڪ کي غيرمستحڪم  ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي ۽ پشاور ۾ امن دشمن دھشتگردن معصوم نمازين کي نشانو بڻائي بزدلاڻي حرڪت ڪئي آهي.

اهڙن ماڻهن جو ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن مذھب سان تعلق نٿو ٿي سگهي. ھي بزدل جيڪي معصوم نمازين کي به بخش نٿا ڪن اھي صرف ۽ صرف دھشتگرد آهن، انهن کي انسان به نٿو چئي سگهجي.  دهشتگردن جي مذمت ڪرڻ سان گڏ گڏ  حڪومت وقت کي ھن اٿندڙ دھشتگردي جي لھر تي سنجيدگي سان غور فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي. فوري طور تي نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرايو وڃي ته جيئن وري الله نه ڪري ملڪ جي ڪنهن ٻي ڪنڊ، ڪنهن  ٻئي شھر ۾ ڪو اھڙو افسوسناڪ دھشتگردي جو واقعو پيش اچي ۽ اسان جا حڪمران رڳو روايتي مذمتي بيان جاري ڪرڻ جي حد تائين محدود بڻيل ھجن. ڇاڪاڻ ته رڳو سکڻڻ مذمتي بيانن سان دھشتگردي جو مقابلو نٿو ڪري سگهجي. تنھنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته  فوري طور ھنن ملڪ دشمنن بلڪه انسانيت دشمن دھشتگردن خلاف ڪاروايون ڪري ملڪ جي معصوم شھرين کي دھشتگردي جو کاڄ بڻجڻ کان بچايو وڃي.