پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ جي ڳوٺ ڦلهه واڻ ۾ صوفي بزرگ حضرت باغ علي شاھ جو 168 ساليانو عرس مبارڪ ملھايو ويو، متولي فقير حبيب الله ۽ وحيد علي ڦلپوٽو درگاهه تي گلن جي چادر چاڙھي ھڪ ڏينھن واري عرس جو افتتاهه ڪيو، درگاهه جي اڱڻ تي سگھڙن جي محفل پڻ ڪرائي وئي،سگھڙن امين ڦلپوٽو، منصف جلباڻي، پپن ڦلپوٽو، جنسار احمد ۽ ٻين سگھڙن ڏور بيت ۽ ڳجهارتون ٻڌائي محفل ۾ واهه واهه ڪرائي ڇڏي، آخر ۾ لنگر تقسيم ڪري ملڪ جي سلامتي ۽ علائقي ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.