آصف زرداري جو نالو کڻڻ سان ساڄي پاسي ويٺل ميمبرن کي مرچ لڳي وڃن ٿا: ندا کهڙو

0
550

ڪراچي: پ پ ايم پي اي ندا کهڙو سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته آصف زرداري جو نالو کڻڻ سان ساڄي پاسي ويٺل ميمبرن کي مرچ لڳي وڃن ٿا، سنڌ سرڪار سدائين روزگار ڏنو آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان پاس ٿيل اميدوارن کي ڪڍڻ ۽ ايف آءِ اي مان سنڌي آفيسرن کي ڪڍڻ جي مذمت ڪيون ٿا. ندا کهڙو چيو ته ٻين صوبن جا ماڻهو هتي اچي علاج ڪرائن ٿا پر سنڌ جا ماڻهو ڪٿي به علاج لاءِ نه ٿا وڃن، لاڙڪاڻي ۾ صحت کاتي جون بهترين اسپتالون آهن، قائد عوام يونيورسٽي، بي نظير گرلس گورنمينٽ ڪاليج سميت ادارا ڪنهن ٺاهيا آهن؟ پنجاب جي شهر پنڊي ۾ هڪ مهيني ۾ چار سئو ڪيس رپورٽ ٿيا پر اتي انڌن کي ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. گذريل اٺن سالن ۾ ڪي پي ڪي ۽ ٽن سالن ۾ وفاق ۾ ڪيتريون اسپتالون ۽ ڪاليج ٺاهيا ويا آهن؟؟