ڪولمبو (اسپورٽس نيوز)انگلينڊ-سريلنڪا ڪرڪيٽ سيريز ۾ سريلنڪا جي ٻن رانديگرن کي بائيو سيڪيور ببل پروٽوڪلز جي مبينا ڀڃڪڙي تي معطل ڪيو ويو آهي. انگلينڊ ۾ سريلنڪن ڪرڪيٽر ڪوشال مينڊس ۽ نيرو شان ڊڪويلا عوامي هنڌن تي چرپر ڪئي هئي. سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي مينيجر جو چوڻ آهي ته وڊيو هوٽل جي ڀرپاسي جي نٿي لڳي، معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي اهي، ڏسڻو پوندو ته ڪنهن ڪڏهن ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ فوري طور ٻنهي ڪرڪيٽرن کي معطل ڪندي ڏيهه واپس گهرائي ورتو آهي. انگلينڊ ۽ سريلنڪنا وچ ۾ ون ڊي سيريز اڄ کان شروع ٿيندي.