پاڻي جي نيڪال سان اڌ کان وڌيڪ مسئلا حل ٿي ويندا

0
156
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

برساتن کي تقريبن ٽي مھينا گذري چڪا آھن پر انھي ڪري آيل ٻوڏ اڃا تائين سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن کي ٻوڙي رھي آھي ۽ اھو پاڻي نيڪال ٿيڻ جو ڪو گس نھ ٿو ملي،جنھن ڪري نھ ماڻھن ۾ رليف جو ڪم صحيح نموني ٿي رھيو آھي نھ ئي وري اھي پنھنجي اجھن ڏانھن واپس وڃي سگھن ٿا، ڇاڪاڻ تھ ٻڏي ويل ڳوٺن ۽ شھرن ۾ چار کان پنج فوٽن تائين پاڻي بيٺل آھي.چوڌاري پاڻي بيٺل ھئڻ ڪري بيماريون بھ تيزي سان ڦھلجي وڌيڪ جاني نقصان ڪري رھيون آھن.سرڪار جي سنجيدگي جو اندازو وري انھي مان لڳائي سگھجي ٿو تھ ھڪ وزارت ٻھ ڏينھن اڳ پاڻي جي نيڪالي بابت ھڪ دعويٰ ڪري ٿي تھ ٻي وزارت وري سنڌ جي وڏي وزير کي ٻي بريفنگ ڏئي ٿي. جنھن مان لڳي نھ ٿو تھ ڪو اھو پاڻي جلد نيڪال ٿي سگھندو ،جڏھن سرڪار وٽ انگ اکر ئي درست نھ ھوندا تھ اھا ان پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪھڙي حڪمت عملي جوڙي سگھندي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برساتي پاڻي جي نيڪال بابت اجلاس ۾ آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته آڪٽوبر جي آخر تائين پاڻي جي نيڪالي يقيني بڻائي وڃي جيئن متاثرن کي سندن گهرن ڏانهن واپس موڪلي، ربيع جي فصل جي پوک لاءِ زمينن کي تيار ڪري سگهجي ته جيئن ايندڙ سال ڏڪار جهڙي صورتحال کان بچي سگهجي. آبپاشي کاتي موجب ڪشمور جا 58 سيڪڙو، جيڪب آباد 41 سيڪڙو، شڪارپور 55 سيڪڙو، قمبر شهدادڪوٽ 25 سيڪڙو، لاڙڪاڻو 48 سيڪڙو، دادو 13 سيڪڙو، ٺٽو 77 سيڪڙو، گهوٽڪي 75 سيڪڙو ٻوڏ متاثر علائقن کي صاف ڪيو ويو آهي. سکر ۾ 50 سيڪڙو، خيرپور ۾ 46 سيڪڙو، نوشهروفيروز ۾ 48 سيڪڙو، شهيد بينظير آباد ۾ 53 سيڪڙو، سانگهڙ ۾ 65 سيڪڙو، عمرڪوٽ ۾ 58 سيڪڙو، ميرپورخاص ۾ 52 سيڪڙو، مٽياري ۾ 82 سيڪڙو، ٽنڊوالهيار ۾ 56 سيڪڙو، حيدرآباد 70 سيڪڙو، سجاول 53 سيڪڙو ۽ بدين ۾ 41 سيڪڙو پاڻي نيڪال ٿيو آهي جڏهن ته ڄامشورو اڃا تائين صاف نه ٿيو آهي.جيڪڏھن سرڪاري انگ اکر ئي ڏسجن ٿا تھ ان مان نھ ٿو لڳي تھ ڪو آڪٽوبر جي آخر تائين بھ ٻڏل علائقن مان مڪمل پاڻي نيڪال ٿي سگھندو، ڇاڪاڻ تھ حالت  انھي کان بھ وڌيڪ خراب آھي جيڪا سرڪاري انگن اکرن ۾ نھ پئي ٻڌائي وڃي.ڪجھھ ڏينھن اڳ صوبائي وزير منظور وساڻ دعويٰ ڪئي ھئي تھ 15 آڪٽوبر تائين 75 سيڪڙو زرعي ايراضي چيٽ جي فصل لاءِ تيار ھوندي ڇاڪاڻ تھ ڪڻڪ جي پوکي 15 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي آھي جڏھن تھ ڪجھھ علائقن ۾آڳاٽي پوکي بھ ٿيندي آھي پر برساتي پاڻي بيھڻ ڪري ھن ڀيري اھا آڳاٽي پوکي نھ ٿي سگھندي.جڏھن تھ تازو ورتل بريفنگ کانپوءِ وڏو وزير پاڻ ھدايت ڪري رھيو آھي تھ آڪٽوبر جي آخر تائين پاڻي نيڪال جو بندوبست ڪيو وڃي، مطلب تھ وڏي وزير کي بھ اندازو آھي تھ آڪٽوبر جي آخر تائين بھ پاڻي جو نيڪال مشڪل  ٿي سگھي، جنھن ڪري ڪڻڪ جي پوکائي نھ ٿي سگھندي ۽ وڏي وزير بھ اھو ئي خدشو ظاھر ڪيو آھي جيڪو اسان اڳ ڪري چڪا آھيون تھ خوراڪ جو بحران ٿي سگھي ٿو. پاڻي بيٺل ھئڻ ڪري ماڻھو پنھنجي گھرن ڏانھن واپس نھ ٿا وڃي سگھن، بيماريون پکڙجي رھيون آھن مٿان وري سيارو اچڻ وارو آھي جنھن ڪري وڌيڪ صورتحال خراب ٿي سگھي ٿي.چوڌاري پاڻي بيٺل ھئڻ ڪري رستا بند آھن ۽ رليف جي ڪمن ۾ بھ ڏکيايون ٿي رھيون آھن.

اسان سمجھون ٿا تھ پاڻي جو نيڪال نھ ٿيڻ مسئلن مٿان مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي رھيو آھي. جنھن ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو چيٽ جو فصل نھ ٿيڻ جو خطرو آھي انھي کانسواءِ لڳاتار چوڌاري پاڻي بيھڻ ڪري بيماريون ڏينھون ڏينھن وڌي رھيون آھن ۽ صحت جي ايمرجنسي لاڳو آھي جنھن کي بھ صحت کاتو منھن ڏيڻ ۾ ناڪام نظر اچي رھيو آھي. انھي کانسواءِ رستا بند ھئڻ ڪري ماڻھن تائين کاڌ خوراڪ جي رسد ۾ ڏکيائي ٿي رھي آھي ۽ ماڻھو پنھنجي ڳوٺن، شھرن ۽ گھرن تائين نھ ٿا وڃي سگھن.تنھن ڪري جيڪڏھن سرڪار ترت پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ڪري تھ اڌ کان وڌيڪ مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا.