جي ها اسان جو

ڳوٺ امير آھي!

اسان جو ڳوٺ امير آھي، ڪنھن پڇيس اھو ڪيئن؟ اسان جي ڳوٺ ۾ خان به آھي، اسان جي ڳوٺ ۾ صاحب به آهي، اسان جي ڳوٺ ۾ سائين به آھي، اسان جي ڳوٺ ۾ استاد به آھي، اسان جي ڳوٺ ۾ ڀوتار به آھي، اسان جي ڳوٺ ۾ رئيس به آھي، اسان جي ڳوٺ ۾ وڏيرو به آھي، اڃا اھو سلسلو جاري ئي ھو ته ٻڌڻ واري پڇيس اسان جي ڳوٺ ۾ گئس ته ڪونھي، چيائين پوءِ ڇا ٿي پيو اسان جو ڳوٺ امير ته آھي نه! باقي اھڙا ڪم غريبن جي ڳوٺ ۾ ٿيندا آھن ڇا؟ اھڙي امير ڳوٺ ۾ گئس، بجلي، روڊ ۽ رستن ۽ ضرورت وارين ٻين شين مان فائدو حاصل ڪرڻ عار سمجھيو وڃبو آھي، ان لاءِ وس وارا پاڻ ڳوٺاڻن لاءِ اھڙي شين جي بحاليءَ ۾ رڪاوٽ بڻجندا آھن، اھڙي عمل مان ھڪ ٻئي کي پيغام ڏيندا آھن ته مان ڪيڏو طاقتور آھيان. مطلب سڄي جنگ انا جي آھي، پڇڻ واري چيس، ھن وراڻيو انا، اسان وارن ۾ ته انا آھي ئي ڪو نه، صفا فقير ماڻھو ووٽن وقت اچي پيرن تي ڪري پوندا مفت ۾ خرچيون ڏيندا. ماني کارائيندا اي سي واري ڪمري ۾ اسان کي گھرائي حال احوال اوريندا ۽ اسان وري حرام پائي ۽ ٺڳي ڪري سولر پليٽون ۽ پکا اوڳاڙي ويندا آھيون ھنن درويشن کي ڪا خبر به نه پوندي آھي. ھا اھڙن درويشن کي مان به سڃاڻان ٻڌڻ واري چيس، اھڙا ماڻھو سڄي زندگي پاڻ کي فلاڻو خان، ٽيرو خان ڪري سڏرائي پنھنجي نالي جي پٺيان خان ته ضرور ھڻن ئي ھڻن ۽ وري جڏھن مرن ته قبر تي وري فقير لکرائن.

شاهه حسين گاڏهي/خيرپورناٿن شاهه

تبديليءَ کان بيزار ٿيل ڀٽي جو جيالو!

پاڪستان ٺھن کان وٺي ھن وقت تائين جا سياستدان موسم جي تبديليءَ وانگر تبديل ٿيندا رھن ٿا. ڪڏهن ڪو سياستدان عامرن جي جھولي ۾ وڃي ويٺو ته وري ڪڏهن ڪو اڳوڻي عامر سياستدان جي جھولي ۾ وڃي ٿانيڪو ٿيو. ھي قصو قيامِ پاڪستان کان وٺي ھن وقت تائين هلندو پيو اچي ۽ هلندڙ آهي. آئون پاڻ ضلعي گھوٽڪي جي تعلقي اوٻاوڙي جو آھيان ته آئون اوٻاوڙو جي 2018ع واري اليڪشن جي ڳالھ ڪريان ته اسان جي تڪ تي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي سيٽ کٽندڙ شھريار خان شر مان عوام گھڻو ڪجھ پي چاھيو پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ عوام کي شھريار مان مايوسي ٿيندي پئي وڃي. يوسي سيدپور شريف جي ڳوٺ سيدپور شريف ۾ نالي واريون درگاھون “’آڍي شاھ بخاري ۽ گدا شاھ بخاري” موجود آهن، جن جا مريد پوري پاڪستان جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ موجود آهن، جڏهن ته ايم پي اي صاحب جا مرشد به انهيءَ ڳوٺ ۾ رھن ٿا. ڳوٺ ۾ ڪنهن به قسم جون بنيادي سھولتون ميسر ناھن. گندي پاڻيءَ جو نيڪال نه ھئڻ ڪري برساتي پاڻي مھينن جا مھينا ڳوٺ ۾ داخل ٿيندڙ رستي تي بيٺل رھي ٿو، جنهن جي ڪري برساتن ۾ ڳوٺ کان شھر ۽ شھر کان ڳوٺ ڏانهن وڃڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ ناممڪن ٿي ٿو وڃي. نيڪال جو پاڻي ھڪ ھنڌ بيهڻ سبب ڀرپاسي جا ڪيترا ئي ڳوٺاڻا پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم ٿي ويا آهن. ھڪ پاسي ھزارن جي تعداد ۾ مريد پاڪستان جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ سٺي نموني سان زندگي گذاري رھيا آهن ته ٻئي پاسي انهن جا مرشد بنيادي سھولتن کان به محروم آهن، تبديلي سرڪار مان تنگ ٿي جيالو بڻندڙ سردار به ھاڻي ڳوٺ اچڻ گھٽائي ويو آهي. ڳوٺ وارا مسلسل پنهنجي لبڙن تي اھو ورد ورجائين ٿا ته سردار سائين ڳوٺ واسين جي سار لھو، ڪٿي اوھان کي ڪنهن جي آھ نه لڳي.

ظھور ميمڻ/ڳوٺ سيدپورشريف

خانپور شھر جي

لٽيل ملڪيٽ!

خانپور شھر قديمي شھر آھي پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته خانپور شهر کي تعلعي جو درجو اڃا تائين نه ملي سگهيو آهي. ايم اين اي ۽ ايم پي اي صاحب صرف وزٽ ۾ پورا آهن، جڏهن ته هتي ڪم ٽڪي جو به نه ٿيو آهي، جيڪڏهن پيور بلاڪ لڳو به ته من پسند ماڻھن جي علائقن ۽ گھرن ۾، سومرا محلا ڄڻ خانپور جو حصو  ئي نه هجي. خانپور اسپتال ۾ دوائن جي به سخت کوٽ آهي، هتي ڪتي جي چڪ پائڻ جون انجيڪشنون به غائب آهن، جڏهن ته پيراسيٽامول ٽيبليٽ به ڪونھن. آخر خانپور جي عوام سان  ايترو ظلم ڇو ۽ ڇا جي ڪري ٿي رهيو آهي؟ ڪرپٽ راشي ٺيڪيدارن کان ڪو پڇڻ وارو ناهي، ڪرپٽ ٺيڪيدار هر هنڌ ناقص مٽيريل استعمال ڪري رهيا آھن پر کين ڪو چوڻ وارو ڪونهي. خانپور اسپتال ۾ مليريا جي ٽيسٽ جا 80 رپيا ورتا ٿا وڃن، جڏھن ته جج صاحب نوٽيس ذريعي انهن اسپتال وارن کي آگاھ ڪيو هو ته پئسا نه وٺو، تڌھن کان مليريا ٽيسٽ جون ڪٽون ئي غائب ڪيون ويون آھن. پي پي ايچ آءِ وارن جو چوڻ آھي ته ڪٽون بند ٿي ويون آھن، ان ڪري مليريا جي ٽيسٽ لاءِ آيل مريضن کي خانگي ليبارٽرين جا ڏس ڏنا ٿا وڃن. جن ليبارٽرين وارا 50 رپين مان ٽيسٽ 80 رپيا ڪري ڇڏي آھي، خانپور جو ڪو والي وارث ناهي. اسان تڪ جي ايم اين اي عابد خان ڀيو ۽ ايم پي اي امتياز احمد شيخ کي گذارش ٿا ڪريون ته ڪجھ ڌيان خانپور شھر ته به ڏيو ۽ خاص ڪري سومرا وارڊ 5 ۾ پيور بلاڪ لڳرائي رهواسين مان احساس ڪمتري ختم ڪئي وڃي. وري توهان کي عوام ڏانهن ئي ووٽ لاءِ اچڻو آھي.

عابد تبسم قادري/شڪارپور

ڪتابن جي دنيا!

ڪتابن جي دنيا جيڪا پاڻ ۾ لازوال داستان رکي ٿي، جنھن جي اندر ھزارين يادگيريون دفن ٿيڻ باوجود به زندہ رھن ٿيون. ھي ڪتابن جي دنيا جيڪا ھزارين عڪس اندر ۾ رکي ٿي، جيڪي ڏسڻ سان نه پر پڙھڻ سان ذھن جي زمين تي اُسري ۽ اُڪري اچن ٿا. ھي ڪتابن جي دنيا جيڪا دردن جا داستان به رکي ٿي ته ڪڏھن ڪڏھن وري خوشين کي به پنھنجي اندر ۾ دفنايو ڇڏي ٿي. ھي اھا دنيا آھي جيڪا ڪنھن گداگر کي سلطان به بڻائي ڇڏي ٿي ته ۽ ڪنھن سلطان کي وري گداگر به ڪريو ڇڏي. فرق رڳو سمجھڻ جو آھي، اکرن اڳيان انسان ٻانھون ٿي ھلندو آھي ته ڪڏھن وري قلم جھڙي ھٿيار کي ڏسي اکر به انسان آڏو ٻانھان ٿي پوندا آھن. ڪتاب اھي دوست آھن جيڪي ڪڏھن به ڪنھن کي ڏک نه رسائيندا آھن، ڪندا آھن ته صرف احساس پيدا ڪندا آھن ۽ ڪجھ سُتل يادگيرين کي جياري ويندا آھن ۽ تاريخن کي جيئرو رکڻ ۾ اهم ۽ وڏو ڪردار ادا ڪندا آھن. افسوس جي ڳالھ اھا آھي ته روڊن، رستن، چوڪن تي اھي ادبي ڪتاب بي ادب ٿيندا آھن، جنھن کي ڪو  ادبي لباس پارائي نه سگھندو آھي.

سرفراز احمد لغاري ڳوٺ حاجي احمد لغاري، سانگھڙ

ڇا مان سنڌي ناهيان؟!

پاڪستان جي آئين موجب هر پاڪستانيءَ جو حق آهي، پاڪستان اندر هر شهري سولائيءَ سان ڪاروبار يا پرائيوٽ توڙي سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪري سگهي ٿو. اسان وٽ ته بنگالي، برمي، مهاجر، افغاني توڙي ٻيا هِتان هُتان جا آيل سي اين آءِ سي ٺهرائي اسان جي ادارن ۾ سولائيءَ سان ڪم ڪن پيا ۽ ڪاروبار به ڪن پيا، ٻيو 18هين ترميم جي اچڻ کان پوءِ صوبا خودمختيار ٿي ويا آهن، جنهن سان هر ماڻهو پنهنجي صوبن ۾ سولائيءَ سان ڪم ڪري سگهي ٿو پر هتي سنڌ ۾ الائي ڇو سنڌي ماڻهو پنهنجن جا پير ڪڍڻ ۾ پورا آهن، افسوس ٿيندو آهي جو سنڌي سنڌيءَ کي نٿو برداشت ڪري، هن وقت هڪ مسئلو هلي پيو، اسان جي برادي سان ته هن برادري جا ماڻهو نوڪرين ۾ ڇو آهن؟ تنهن ڪري ڊاڪٽر عثمان ماڪو ۽ ٻيا سپريم ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪئي ته هي ماڻهو گورنمينٽ جي نوڪري ڇو پيا ڪن؟ تڏهن اسان وڪيل ڪري پنهنجا ثبوت پيش ڪيا ۽ ان وقت سپريم ڪورٽ اسان کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، مان هن عثمان ماڪي بابت به اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته هن ماڻهوءَ جي اها طبيعت رهي آهي ته هو هر ماڻهوءَ خلاف درخواستون ڪرڻ سميت ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري ٿو پر قانون هن کي پنهنجي پڪڙ ۾ نٿو آڻي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي اچڻ کان پوءِ به هن منافق ٽيم کي سڪون ڪو نه آيو آهي، هنن وري هاءِ ڪورٽ جو در کڙڪايو آهي ۽ اتان به ناڪامي نصيب ٿي، ڇو جو جڏهن به ڪنهن کي گورنمينٽ جي نوڪري ملندي آهي ته ان جو وڏو طريقيڪار هوندو آهي، هن اداري جو سيڪريٽري اجازت ڏيندو آهي ۽ پوءِ ضلعي جو آفيسر ليٽر ڏيندو آهي ۽ اڪائونٽ آفيس جڏهن سيلري ڏيندي آهي ان جو به هڪ وڏو پراسيس هوندو آهي. ڊاڪيومينٽ ويري فاءِ ٿيندا آهن پر پوءِ به هي اسان خلاف هر هر ڪورٽ سڳوريءَ جو وقت برباد ڪن پيا، هنن کان ڪو پڇڻ وراو ناهي. مان هن ڪالم ذريعي پنهنجي محترم ادارن کي اپيل ڪندس ته هنن خلاف سخت ايڪشن کڻي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

علي حسن “احسن” چڍڙ/ ميرپورماٿيلو

سنڌين جي ڪاروباري

۽ ھنري حالت!

ڪو وقت هوندو هو جي سنڌي قوم هر ڪم ۾ ماهر سڏبي هئي پر اڄ جڏهن دنيا ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي وڃي ٿي آسمان تائين رسندي ته سنڌي قوم وري وڃي ٿي پاتال جي تري ۾ ڪرندي. سنڌ جا هنر وڃن ٿا پوئتي پوندا، ماڻهون وڃن ٿا ٽوٽي ۽ نڪما ٿيندا. بي ايماني ۽ بي حيائي وڃي ٿي گهر ڪندي، اخلاص وڃي ٿو جهڪو ٿيندو ۽ ماڻهو ماڻهوءَ جو ماس کائڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. سالياني موڪل دوران سنڌ ڏانهن ويندي دل ايئن ڌڙڪندي آهي ڄڻ ڪنهن محبوب سان ملاقات جو وقت اچڻ وارو هجي پر جڏهن سنڌ پهچي سنڌ جون حالتون ڏسبيون آهن ته دل ايئن رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي آهي ڄڻ ساڳيو محبوب اصل پوين پساهن ۾ هجي ۽ گذر ڪرڻ وارو هجي. نوجوانن جي حالت ڪسمپرسيءَ واري، ڪاروباري ۽ هنري فنڪاريءَ تي ڪٽ چڙهيل، مزدور ۽ محنتڪش مايوس، دڪاندار ۽ ڌنڌي وارا ماڻهو پريشان، نوڪرين وارا بس موڪلون ڳوليندا وتندا، ٺيڪيدارن ۽ ڪاريگرن جي ڪرت اهڙي جو يا بي ايماني تيرا آسرا، سنڌ جنهن ۾ سنڌوءَ جھڙو مهان درياهه وهي ٿو، سنڌ جنهن ۾ اونهي سمنڊ جو هزارين ڪلوميٽر جو ڪنارو آهي، دنيا جو هر ميوو پيدا ٿيندو هجي، جنهن ۾ هر قسم جون سايون ڀاڄيون ۽ اناج پيدا ٿيندو هجي، دنيا جو بهترين ريگستان هجي، جبل ۽ پهاڙ هجن، علم ۽ ادب سان مالا مال هجي، ٻولي سهڻي ۽ وزنائتي هجي، تيل ۽ گئس جا خزانا نڪرندا هجن، جنهن ۾ سنگ مرمر جا جبل هجن ۽ اتان جا اصلوڪا رهواسي پنهنجي روزي روٽي ڪمائڻ لاءِ به پريشان آهن.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

هنڱورجا کان ڪنڊياري تائين باءِ پاس N-5 جي سار لھو!

ھنگورجا کان وٺي ڪنڊياري تائين روڊ جي سار ڇو نٿا لھو، برساتن کان پوءِ ڪيترو عرصو گذري ويو آھي پر ڪير به باءِ پاس جي سار ڇو نٿو لهي، ڪيترائي مسافر ويچارا پريشان ٿي رھيا آھن پر وس وارن جي مٿي تي جونءِ به نٿي سري آخر ڇو؟ ڇا روڊس وارن جي بجيٽ نه ايندي آھي؟ ڇا عوام جو اھو به حق ڪونهي ڇا؟ جيڪي مسافر ويچارا پنجاپ، بلوچستان، ڪي پي ڪي کان اسلام آباد کان ڪراچي اچن ٿا جيڪي ھنگورجا کان وٺي ڪنڊيارو تائين خوار ٿين ٿا، آخر ان روڊ جي ٽڪري جي سار ڇو نٿي لڌي وڃي؟ 20 ڪلوميٽر جي مفاصلي تائين سڄي سڄي رات سفر ۾ گذري وڃي ٿي پر حڪومت کان ڪوئي پڇڻ وارو ئي نه آھي. منھنجو عرض آھي روڊس ۽ ورڪس جي منسٽر کي ته مھرباني ڪري ھنگورجا کان ڪنڊيارو تائين باءِ پاس روڊ جي مرمت ڪرايو ۽ مسافرن جون پريشانيون دور ڪيو.

صدام حسين ڀنڊ/ خيرپورميرس

الخدمت فائونڊيشن ۽ المصطفى ويلفيئر سوسائٽي!

پاڪستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي ڪري وڏي پيماني تي تباهي ٿي، ڪي پي ڪي بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جا علائقا ٻوڏ سبب متاثر ٿيا جڏهن ته سنڌ ته لڳ ڀڳ سڄي ساري سيلابي پاڻي هيٺ ٻڏل رهي. سرڪاري مشينري ته ان سلسلي ۾ الرٽ رهي ۽ اها پنهنجو ڪم ۽ سرگرميون ڏيکاريندي رهي پر ڳالهه ڪجي الخدمت فائونڊيشن ۽ المصطفى سوسائٽي جي ته انهن جون به ان سلسلي ۾ خدمتون ۽ سرگرميون تيز تر رهيون. جن جو ڪم انساني جذبي ۽ خدمت سان سرشار هجڻ ڪري هميشه ساراهه جوڳو رهيو آهي. ڳالهه اها آهي ته الخدمت فائونڊيشن پاڪستان ۾ قابل اعتماد ادارن اندر نمايان حيثيت رکي ٿو جنهن طرفان بارشن ۽ ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ ڪري ڏينهن رات ڪوشان به رهيو آهي. جنهن جا ڪي پي ڪي پنجاب ۽ حيدرآباد، سانگهڙ، لاڙڪاڻو، ٺٽو، سکر، نواب شاهه ۽ دادو سميت سڄي سنڌ اندر ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ الخدمت جا رضا ڪار متاثرين ۾ امداد جي بحالي لاءِ ڏينهن رات ڪوشان رهيا. جن 5 هزار کان وڌيڪ خيما وڇايا جنهن سان 25 هزار کان وڌيڪ متاثرين کي ڇت جهڙو آشيانو ميسر آيو. هزارن جي تعداد ۾ راشن بيگ فراهمي سان گڏ سڀني متاثر ضلعن اندر روزانون جي بنياد تي الخدمت جي بورچي خاني مان 80 هزار کان وڌيڪ متاثرين کي کاڌو فراهم ڪيو ويندو رهيو. تنهن سان گڏوگڏ المصطفى سوسائٽي وارن طرفان به انهن جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن به ڏينهن رات ان خدمتي جذبي تحت ڪوشان نظر ايندا رهيا. ٻوڏ متاٿر خيمن ۽ ڪيمپن اندر المصطفى ويلفيئر سوسائٽي رضاڪار ۽ ڪارڪن سيلاب متاثرين جي مدد ۾ مصروف رهيا. الخدمت فائونڊيشن المصطفى ويلفيئر سوسائٽي جي انساني خدمت سان سرشار جذبي تحت هميشه سيلابي صورتحال توڙي جو ڪنهن به مشڪل وقت ۾ پنهنجي رضاڪارانه ڪم جي ڪري پاڻ مڃرايو آهي. المصطفى ويلفئير ٽرسٽ سوسائٽي جي سرپرست حاجي حنيف طيب ۽ المصطفى سوسائٽي جي صدر ڊاڪٽر رحيم جي هدايتن تي مفت ميڊيڪل ڪمپ ۽ مفت دوائن فراهمي تائين امدادي ڪارواين جو سلسلو اڃا به جاري آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

5 آڪٽوبر استادن جو عالمي ڏينهن!

5 آڪٽوبر هر سال استادن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي، هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد استادن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ سماج ۾ سندن مقام کي اجاگر ڪرڻ آهي. استاد ھڪ ڏيئو آھي جيڪو اونداھن رستن ۾ روشني جي موجودگي کي برقرار رکي ٿو. استاد اهو گُل آهي جيڪو پنهنجي خوشبوءَ سان سماج ۾ امن، محبت ۽ دوستيءَ جو پيغام ڏئي ٿو. استاد هڪ اهڙو رهنما هوندو آهي جيڪو انسان کي زندگيءَ جي غلط رستن مان ڪڍي منزل تائين پهچائيندو آهي. اسلام دنيا کي علم جي روشني ڏني آهي، استاد کي عظمت ۽ شاگرد کي بلند مقام عطا ڪيو آهي. پاڻ سڳورن ﷺ جن پنهنجو مقام ۽ مرتبو هنن لفظن ۾ بيان ڪيو ته: “مون کي معلم ڪري موڪليو ويو آهي.” اسلام استاد کي روحاني پيءُ قرار ڏنو ۽ کيس هڪ قابل قدر، قابل احترام ۽ عظيم شخصيت، هڪ استاد ۽ مرشد جو درجو ڏنو. استاد کان سواءِ ڪا به قوم گمراهه ٿي وڃي ٿي، استاد ئي اهو آهي جيڪو قوم کي اونداهي مان روشنيءَ ڏانهن آڻي سگهي ٿو. حقيقت ۾ استاد جو درجو تمام مٿانهون آهي. سندس سکيا سان انسان منزل حاصل ڪري سگهي ٿو. استاد معاشري جو سيکاريندڙ ۽ سنواريندڙ آهي. استاد وٽ قوم جي مستقبل جون تقديرون آهن، جنهن قوم ۽ ملڪ جو استاد زنده آهي اها قوم ڪڏهن به مرڻي ناهي. عبدالحئي ڀٽي ڪنهن هنڌ لکيو ته استاد انسان جو روحاني، اخلاقي ۽ علمي مربي آهي. علم هڪ وڏي نعمت آهي جنهن ذريعي سان اها نعمت حاصل ڪئي، انهيءَ ذريعي جي تعظيم ۽ تڪريم ۽ سندس شڪر گذاري، قدرداني ڪرڻ به لازم آهي، جيڪڏهن ڪو شخص ان نعمت جي ڏيندڙ جو قدر نٿو ڪري ته ڄڻ هو ان نعمت جي ناقدري ٿو ڪري. استاد علم جهڙي نعمت جو عطا ڪندڙ آهي، تنهن ڪري سندس احسان شناسي، شڪر گذاري ۽ احسان مندي لازمي آهي. جڏهن اسان تاريخ جي ورقن ۾ جن دانشورن، مفڪرن، سائنسدانن، اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ نامور شخصيتن جا نالا سونهري لفظن ۾ لکيل نظر اچن ٿا. انهن جي منظر ۾ يقينن ڪنهن نه ڪنهن استاد جي رهنمائي، سوچ ۽ محنت جو صلو ڪارفرما هوندو. اڄ پوري دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، سُڌريل ملڪن سميت پاڪستان ۾ به استادن جي عالمي ڏينهن تي محنت ۽ جفاڪش استادن کي اهل علم ۽ شعور وندن انسان طرفان اعزاز ۽ ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ته جيئن محنتي استاد مستقبل جي معمارن جي سکيا ۽ تربيت لاءِ ڪوشان رهن.

عرفان علي مهر/بخشاپور

5 آڪٽوبر استاد جي عظمت جو ڏينهن!

استاد معاشري جو اهم ڪردار آهي، تعليم هر ملڪ جي ترقيءَ جي ضامن هوندي آهي. علم انسان جي ٽين اک آهي. اهو علم استادن کان سواءِ ناممڪن آهي. نبي پاڪ ﷺ جو فرمان آهي ته مون کي استاد بڻائي موڪليو ويو آهي. ٻي حديث شريف جو مفهوم آهي ته توهان ۾ بهتر شخص اهو آهي جيڪو پاڻ پڙهي ۽ ٻين کي پڙهائي. علم کي هر دور ۾ اهم سمجهيو ويو آهي. علم کان سواءِ ترقي ناممڪن آهي. اسان جي معاشري خاص ڪري مان سنڌ جي ڳالهه ڪندس، جتي علم ۽ انسان لاڳاپيل استادن کي اهميت نٿي ڏني وڃي. ٻاهرين ملڪن ۾ جج استادن کي ڏسي اٿي بيهن ٿا، روڊن ۽ رستن تي جڏهن به استادن کي ڏسن ٿا ته ان کي بيحد عزت ڏين ٿا ۽ ان کي مان ڏين ٿا. استاد رول ماڊل هوندا آهن. شاگرد هميشه استاد کي فالو ڪندا آهن، ان جي راهه تي هلندا آهن. سنڌ ۾ به ڀلن استادن جي کوٽ نه آهي، استاد جيڪي پنهنجي پيشي سان سچا آهن، انهن کي اڄ به عزت جي نگاهه سان ڏنو وڃي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ ٻين ملڪن جيان 5 آڪٽوبر تي هر سال استادن جي عظمت جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. ان جو مقصد استادن کي احترام ڏيڻ آهي. اها عوامي سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي ته استاد معاشري جو اهم فرد آهي. ان جون به ذميواريون آهن. هن ڏينهن تي سيمينار، ريليون ۽ واڪ ڪرايا ويندا آهن. پمفليٽ ڇپرائي يا اخبارن ۾ ان اهميت کي اجاگر ڪيو ويندو آهي ته پنهنجي استادن کي اهميت ۽ عزت ڏيو، ڇو ته هو اونداهي مان ڪڍي روشني ڏانهن وٺي اچي ٿو. استاد ماڻهن جا ذهن ٺاهي ٿو جيڪو تمام اهم آهي. اڄوڪي ڏينهن تي ڪيترائي ٻار اسڪولن ۾ ڪاليجن ۾ پنهنجي استادن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ کان سواءِ انهن کي تحفا پڻ ڏين ٿا. گلدستا پيش ڪن ٿا، اسان جي سماج مان اخلاقي قدر گهٽجي رهيا آهن. انهن کي استاد ئي صحيح ڪري سگهي ٿو. استاد جو ڪردار اتحاد جي علامت آهي. اسان ۽ توهان گڏجي اهو پڪو پهه ڪريون ته اسان پنهنجي استادن کي عزت ڏينداسين انهن جو احترام ڪنداسين. سنڌ جي تعليم کي بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائينداسين ته جيئن اسان جي تعليم بهتر ٿئي. اسان جو استاد هميشه خوش رهي ۽ اهڙا ڏينهن هميشه ملهائيندا رهون.

آخوند نور احمد ڏهوٽ/ڦلجي اسٽيشن