پاڪ فوج جي اعليٰ عهدن تي مقررين جو عمل اڄ شروع ٿيو آهي: خواجا آصف

0
178

اسلام آباد: بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جي سمري اڃا تائين ناھي آئي، اُن ۾ ھڪ يا 2 ڏينھن لڳي ويندا، پر اھو عمل جلد مڪمل ٿي ويندو

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته پاڪ فوج جي اعليٰ عهدن تي مقررين جو عمل اڄ شروع ٿي ويو آهي، انشاءَ الله اهو جلد آئيني گھرجن موجب مڪمل ٿيندو

هن چيو ته ان حوالي سان سمري اڃا وزيراعظم هائوس ۾ نه آئي آهي، آرمي چيف جي مقرري جي سمري سڀاڻي يا پرين اچي ويندي، جڏهن سمري ايندي ته ان سان گڏ ڊوزيئر به ايندو

بچاءَ واري وزير چيو ته آرمي چيف جي مقرري تي ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي، ان ڪري جڏهن سمري ايندي ته نالن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، جڏهن ته آرمي چيف جي مقرري 25 نومبر تائين مڪمل ٿي ويندي، سڀ کان وڌيڪ 5 سينيئر مقرر ڪيا ويندا، يا 6 نالا ايندا ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏني ويندي، في الحال ان معاملي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي