عمران خان کي ڪنهن جي به مقرريءَ تي اعتراض ناهي: شيخ رشيد

0
148

اسلام آباد: اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان کي ڪنهن جي به مقرريءَ تي اعتراض ناهي، نئون آرمي چيف مُلڪ کي اليڪشن طرف وٺي ويندو، ايندڙ 5 ڏينهن سياست لاءِ اهم آهن

پنهنجي ٽويٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته بلاول جي پريس ڪانفرنس ۾ سياسي رڙيون واضح آهن، پرڏيهي وزير مُلڪ جي صدر کي ڌمڪائي رهيو آهي

ھن چيوتھ نواز شريف من پسند مقرري چاهي ٿو، پر هڪ ٽڪيٽ ۾ 2 مزا نه ٿا ملي سگهن، پي ڊي ايم جو سياسي جنازو نڪري چُڪو آهي