نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ويجهو مٺياڻي لنڪ روڊ تي ڳوٺ وڏا ڏنگراج وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل عورت کي زوردار ٽڪر ھنيو، جنھن سبب عورت اميدان مزاري موقعي تي فوت ٿي وئي، عورت جو لاش سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو. جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته عورت رڪشا تان لهي گهر طرف وڃي رهي هئي ته تيز رفتار موٽرسائيڪل کيس ٽڪر هنيو، ڳوٺاڻن موٽرسائيڪل سوار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.