پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر بنگلاديش روانا

0
225
پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر بنگلاديش خلاف سيريز لاءِ ڍاڪا روانو ٿي ويا آهن، قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جا ميمبر ڍاڪا پهچڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن لاءِ آئسوليشن ۾ هوندا ۽ آئسوليشن مڪمل ڪرڻ بعد اسڪواڊ جي ٻين ميمبرن سان شامل ٿي ويندا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ٽيسٽ سيريز اسڪواڊ جي ميمبرن جون تصويرون شيئر ڪيون ويون آهن جن ۾ اوپننگ بيٽسمين امام الحق، اظهر علي ۽ آل رائونڊر فهيم اشرف کي ڏسي سگهجي ٿو

واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي، سيريز جي پهرين ٽيسٽ 26 نومبر کان چٽگانگ ۾ شروع ٿيندي

ڍاڪا ۾ جاري 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي 2-0 جي فيصلي جي برتري حاصل آهي، سيريز جي آخري ميچ 22 نومبر تي کيڏي ويندي