سخت ڪوهيڙي سبب موٽر وي ايم ون مردان کان پشاور تائين بند

0
194
سخت ڪوهيڙي سبب

ڪراچي(م ڊ) پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سخت ڪوهيڙي سبب حد جي نگاهه گهٽجي وئي، جنهن ڪري مردان کان پشاور موٽر وي ايم ون کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي

 موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته پشاور پهچڻ لاءِ جي ٽي روڊ استعمال ڪيو وڃي، شهري ڊرائيونگ دوران فوگ لائيٽ جو استعمال ڪن

ٻئي طرف پنجاب ۾ گرم پد ۾ گهٽتائي ۽ ڪوهيڙي سبب فضائي آلودگي مسئلو به وڌي ويو آهي، ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب لاهور اڃا تائين فضائي آلودگي سبب دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آلودگي وارن شهرن ۾ پهرين نمبر تي آهي