ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل تنگواڻي واسي پورهيت جو لاش رکي ڌرڻو

0
243
ڪراچي ۾ بيدردي سان

تنگواڻي(ن پ ا) ڪراچي ۾ گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪيل تنگواڻي واسي پورهيت دوست محمد کوسو جي وارثن پاران لاش روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ قومپرست ڌرين شرڪت ڪئي ۽ ڊفينس پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي

ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ ابوبڪر کوسو، رحمدل لاشاري، عبدالجبار کوسو، ربڏنو ملڪ، اسماعيل بهلڪاڻي ۽ ٻين چيو ته ڪراچي سنڌ جي گادي جو شهر آهي، هڪ سازش تحت خوف ڦهلائيندي ڳوٺاڻن جا تشدد ٿيل لاش ڏنا پيا وڃن ته جيئن گادي واري شهر جي مالڪي لاءِ ڌرتي ڌڻي نه اچن

هنن چيو ته قتل بعد لاش کي بنا ٻڌائڻ جي پوليس ۽ ڇيپا حوالي ڪيو ويو، قتل ۾ ملوث ٺيڪيدار ۽ بلڊرز کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، وقت سر ميڊيا ۽ وارثن کي اطلاع نه ڏيڻ واري معاملي کي سازش سمجهندي اسين احتجاج ڪيون ٿا ۽ آءِ جي سنڌ سميت وس وارن کان گهر ٿا ڪيون ته نوٽيس وٺي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ تنگواڻي واسي پورهيت جو تشدد ٿيل لاش هٿ