پاڪستان نيوزي لينڊ کي شڪست ڏئي ٽي ملڪي سيريز کٽي ورتي

0
217

ڪراچي: پاڪستان 5وڪيٽن تان نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ٽي ملڪي سيريز کٽي ورتي آھي، ٽي ملڪي ٽي ٽوئنتي سيريز ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي شڪست تي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي آھي

ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي فائنل ۾ نيوزي لينڊ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 164 رنس جو حدف ڏنو، جنھن کي پاڪستان آخري اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري سيريز پنھنجي نالي ڪري ورتي آھي

پاکستان، نیوزی لینڈ

نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر20اوورن ۾ 7وڪيٽن جي نقصانتي 163رنز ٺاهيون، پاڪستان 164رنز جو هدف پنج وڪيٽن تي آخري اوور ۾ حاصل ڪيو، محمد نواز کي شاندار بيٽنگ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آھي

ميچ جي شروعات ۾ ئي ڪيوي اوپنر فن ايلن کي نسيم شاھ صرف 12 رنز تي پويلين جي راھ ڏيکاري، پنجين اوور ۾ ڊيوڊ 14 رنس سان گڏ بالر حارث رئوف جي بال تي بولڊ ٿي ويو