ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جي چيف ايگزيڪيوٽو ويسم خان چيو آهي ته مس مينجمينٽ جا الزام اُن وقت لڳايو جڏهن شيون اسان جي هٿن ۾ هجن، ڪجهه فيصلا ابوظهبي حڪومت جي هٿ ۾ هئا، برانڊ لاءِ ضروري هو ته پاڪستان سپر ليگ سڪس مڪمل ٿئي. هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي وسيم خان چيو ته پي ايس ايل جو ٿيڻ ضروري هو، پي سي بي شروع ۾ ئي 3 کان 4 شيڊول تيار ڪيا هئا، اُن سان آمدني گهٽ ٿيندي پر نقصان پورو نه ٿي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن واضح ڪيو ته موجوده فرنچائزز منافعو نه ڪمائينديون تيستائين ستين ٽيم نه آڻينداسين، پي ايس ايل جو بزنس پلان تبديل ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي ٽيمن جي آمد بابت پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خنا چيو ته سيپٽمبر جي وچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان ايندي، آسٽريليا جي ٽيم سان سيريز فيبروري يا مارچ ۾ کيڏڻ چاهيون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ وسيم خان چيو ته محمد عامر سان بورڊ جو ڪو مسئلو ناهي، هو بهترين رانديگر آهي، عامر کي چيو اٿئون ته ٽيبل تي ويهي ڳالهيون ڪري مسئلا حل ڪري.