ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) سوشل ميڊيا تي روز دلچسپ ويڊيوز وائرل ٿينديون رهنديون آهن جيڪي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏينديون آهن. ڪالهه به اهڙي ئي هڪ وڊيول وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڳئون ۽ گابو گاهه بدران مزي سان گول گپا کائي رهيا آهن. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ همراهه ڳئون ۽ ان جي گابي کي گول گپا کارائي رهيو آهي جيڪي ٻئي شوق سان کائي رهيا آهن. ان وڊيو مان اهو اندازو به ٿيندو آهي ته گول گپا رڳو انسانن لاءِ نه پر ڳئون کي به وڻندا آهن. سوشل ميڊيا تي ان شخص کي تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي ڪو کيس مهربان ۽ شفيق چئي رهيو آهي ته ڪو کيس دل وارو چاچو ڪوٺي رهيو آهي.