پاڪستان سهڪار به ڪيو ۽ اسان جي مفادن جي خلاف به رهيو: آمريڪا

0
413

ڪراچي(م ڊ) آمريڪا پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته هو افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي ان وقت تائين تسليم نه ڪري جيستائين طالبان عورتن کي حق ۽ افغانستان مان نڪرندڙ خواهشمندن کي وڃڻ جي اجازت نٿو ڏيئي.

آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن افغانستان مان آمريڪا جي واپسي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪانگريس جي سوالن جا جواب ڏنا.

هن چيو ته آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان کي ان وقت تائين طالبان حڪومت کي تسليم نه ڪري جيستائن هو افغان سرزمين کي دهشتگردن جي آماج گاهه نه بڻجڻ واري واعدي تي عمل نٿو ڪري.

آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو افغانستان ۾ ڪردار رهيو آهي، پاڪستان آمريڪا سان گڏ سهڪار به ڪيو ۽ اسان جي مفادن جي خلاف به رهيو، آمريڪا جو مستقبل ۾ پاڪستان سان ڪهڙا لاڳاپا هجڻ گهرجن ان حوالي سان ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ جائزو ورتو ويندو.

هن جو چوڻ هو ته  طالبان چيو آهي ته افغان زمين شدت پسندن کي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، القاعده ۽ داعش افغان سرزمين استعمال نه ڪندا، اسان خطي ۾ دهشتگردي لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.

هن چيو آهي ته انساني همدردي جي بنياد تي 33 ڪروڙ ڊالر امداد افغانستان کي ڏني پئي وڃي، گذريل هفتي تائين هڪ سئو آمريڪي شهرين افغانستان ڇڏڻ جو پيغام ڏنو، 60 ماڻهن جي لاءِ جهاز ۾ جڳهه هئي پر 30 ڄڻا ايئرپورٽ تي پهچ سگهيا.