پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ بيروزگاري وڌي وئي

0
256
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ بيروزگاري وڌي وئي
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ بيروزگاري وڌي وئي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت سڄي ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي وئي آھي جڏھن تھ 19-2018 ۾ خيبرپختونخواھ ۾ بيروزگاري جي شرح سڀني کان وڌيڪ آھي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمي عمران خان اليڪشن کان اڳ ھڪ ڪروڙ نيون نوڪريون ۽ 100 ڏينھن ۾ ھزارين ملازمتون ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي پر وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ عمران خان جي اھا سڀ واعدا ھڪ خواب بڻجي ويا آھن.

تحريڪ انصاف جي حڪومت اچي وئي پر سڀ ڪجھھ ڊنوان ڊول ٿي ويو.

روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ بجاءِ ماڻھن جو پھريان کان لڳل ڪاروبار بھ ھٿن مان نڪري ويو.

وفاقي شماريات واري اداري جي رپورٽ موجب بيروزگاري جي شرح 18-2017 ۾ 5.8 سيڪرو ھئي جيڪا 19-2018 ۾ وڌي ڪري 6.9 سيڪڙو ٿي وئي آھي.

شماريات واري اداري ٻڌايو تھ 19-2018 ۾ سڀني کان وڌيڪ بيروزگاري خيبرپختونواھ ۾ 10.3 سيڪڙو رھي جڏھن تھ سنڌ ۾ بيروزگاري جي شرح سڀني کان گھٽ ٿي 4 سيڪڙو رھي.

پنجاب ۾ بيروزگاري جي شرح 7.4 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 4.6 سيڪڙو رھي.

رپورٽ موجب مردن ۾ بيروزگاري جي شرح 5.1 کان وڌي 5.9 سيڪرو ٿي وئي جڏھن تھ عورتن ۾ اھا شرح 8.3 کان وڌي ڪري 10 سيڪڙو ٿي وئي.

شھرن ۾ بيروگزاري جي شرح 7.2 کان وڌي 7.9 سيڪڙو ٿي وئي، ڳوٺن ۾ 5 کان وڌي 6.4 سيڪڙو ٿي وئي.

رپورٽ موجب ڳوٺن ۾ عورتن ۾ بيروزگاري جي شرح 5.9 کان وڌي 8.5 سيڪڙو ۽ مردن ۾ 4.7 کان وڌي 5.5 سيڪڙو ٿي وئي