عورتون مرد بنا به پنهنجو دفاع ڪري سگهن ٿيون:گوهر رشيد

0
172

ڪراچي ( شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار مرزا گوهر رشيد چيو آهي ته آئون ڊرامن ۽ اداڪاريءَ ذريعي معاشري ۾ پيغام ڏيان ٿو ته عورتون ڪمزور ناهن.اداڪار تازو ئي برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي پاڪستاني ڊرامن ۾ عورتن تي تشدد واري معاملي بابت ڳالهايو.مرزا گوهر جو چوڻ هو ته اسان ٽي وي تي عورتن جي خود مختاري بابت ڳالهائيندا ڇو ناهيون؟ ڊرامن ۾ اهو ڇو ناهي ڏيکاريو ويندو ته عورتون پنهنجو دفاع پاڻ ڪري سگهن ٿيون انهن کي ڪنهن مرد جي ضرورت ناهي.

اسان کي ڊرامي جي سين ۾ اهو به ڏيکاريو وڃي ته جيڪڏهن مرد عورت کي چماٽ ٿو وهائي ته عورت به ان کي چماٽ جو جواب ڏئي.اداڪار جو نجي چينل تي نشر ٿيندڙ ڊرامي ” لاپتا“ جو هڪ سين سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ آهي.سين ۾ گوهر رشيد پنهنجي گهرواري فلڪ ( سارا خان) کي ڪنهن ڳالهه تي چماٽ ٿو هڻي جنهن جي ابتڙ سندس گهرواري به چپ رهڻ بدران کيس  زوردار چماٽ هڻي ٿي. سارا خان پنهنجي مڙس کي چماٽ هڻڻ بعد ڌمڪيندي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن آئنده چنبو هنيو ته توهان جا ٻئي هٿ ڀڃي ڇڏيندس.مرزا گوهر کي چماٽ هڻندڙ سارا خان جي بهادريءَ واري قدم کي سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن ساراهيو ته ڪن وري ان تي تنقيد ڪئي.اسان پنهنجي ناظرين کي اسڪينڊلز، سنسني ۽ منفي ڪردارن جو عادي بڻايو آهي، ناظرين کي سمجهڻ گهرجي ته عورت جو معاشري ۾ هڪ مضبوط مقام آهي.جيتري ضرورت عورت کي مرد جي آهي اوتري ئي مرد کي ان جي به آهي اسان کي ڊرامن ذريعي تعليم ڏيڻي پوندي ته عورت مضبوط شخصيت جي مالڪ آهي.