پاڪستان بنگلاديش خلاف ٻي ٽي ٽوينٽي ميچ کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

0
191
پاڪستان بنگلاديش خلاف ٻي ٽي ٽوينٽي ميچ کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

ڍاڪا: قومي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش خلاف ٻي ٽي ٽوينٽي ميچ به کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. پاڪستان ٻئي دنگل ۾ بنگلاديش کي 8 وڪيٽس تان شڪست ڏني

بنگلاديش ميچ کٽڻ لاءِ پاڪستان کي 109 رنس جو هدف ڏنو جيڪو قومي ٽيم ٻن وڪيٽس جي نقصان تي پورو ڪيو. ڍاڪا جي شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻي ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان محمود الله ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو ڪارائتو ثابت نه ٿيو ۽ ميزبان ٽيم مقرر اوورز ۾ رڳو 109 رنس ٺاهي سگهي

قومي ٽيم جي بالرز بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪنهن به بيٽر کي گهڻو وقت ڪريز تي بيهڻ نه ڏنو. اوپنر سيف حسن، شاهين شاهه آفريدي جي بال تي ڪا به رن ٺاهڻ کانسواءِ ايل بي ڊبليو ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ميزبان ٽيم جون وڪيٽس ڌڙا ڌڙ ڪرڻ لڳيون. پاڪستان پاران شاداب خان ۽ شاهين شاهه آفريدي 2-2 وڪيٽس ۽ وسيم جونيئر، محمد نواز ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي

پاڪستان 18.1 اوورز ۾ ٻن وڪيٽس جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. ڪپتان بابر اعظم رڳو هڪ رن ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. فخر زمان 57 ۽ حيدر علي 6 رنس ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا