”آريان جي خلاف ڪو ثبوت ناهي“ بمبئي هاءِ ڪورٽ لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

0
237
منشيات ڪيس: شاهه رخ خان

ممبئي هاءِ ڪورٽ بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي لکت ۾ ضمانت جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب عدالت آريان جي ضمانت واري ڪيس ۾ ضمانت واري حڪم سان گڏ پنهنجي 14 صفحن جي لکت واري حڪم ۾ واضح ڪيو آهي ته نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) وٽ آريان ۽ سندس ساٿين خلاف ڪي به ثبوت ناهن

ياد رهي ته نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو 2 آڪٽوبر تي ممبئي جي سمنڊ کان هڪ ڪروز ٻيڙي تي ڇاپو هڻي آريان خان ۽ ٻين کي منشيات جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو

بعد ۾ بمبئي هاءِ ڪورٽ آريان خان کي هڪ لک روپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، جنهن تي کيس 26 ڏينهن جيل ۾ گذارڻ بعد آزاد ڪيو ويو

عدالت حڪم ڏنو ته ”اين سي بي پاران عدالت ۾ ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو ويو آهي ته اهو ثابت ٿئي ته سمورن جوابدارن جو گڏيل ارادو غير قانوني ڪم ڪرڻ جو آهي“

عدالت وڌيڪ چيو ته ”صرف ان ڪري ته آريان ۽ سندس دوست ارباز مرچنٽ ۽ منمون ڌميچا هڪ ئي ڪروز تي هئا، اهو سندن خلاف سازش جي الزامن جو بنياد نٿو ٿي سگهي

بمبئي هاءِ ڪورٽ پنهنجي 14 صفحن تي ٻڌل رليز آرڊر ۾ اهو به چيو ته اين سي بي جي جاچ آفيسر پاران رڪارڊ ڪيل سمورن جوابدارن جي اعترافي بيانن تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي

وڌيڪ پڙھندا

گرفتاري بعد والدين سان وڊيو ڪال ۾ آريان خان روئي ڏنو

شاه رخ خان جي پُٽ آريان خان جي ضمانت وري رد، جيل منتقل

آريان خان 80 هزار جي ڀنگ گهرائي، اننيا ۽ آريان جي چيٽ ليڪ!!

آريان خان خوف ۾ ورتل: دوستن سان ملڻ به ڇڏي ڏنو