واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون جي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان آمريڪي فوج کي افغانستان ۾ موجودگي برقرار رکڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ فضائي حدن ۽ زمين جي استعمال جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اهڙي دعويٰ انڊوپيسيفڪ افيئرز لاءِ آمريڪا جي بچاءَ واري نائب وزير ڊيوڊ ايف هيلوي گذريل هفتي آمريڪي آرمڊ سروسز ڪاميٽي کي بريفنگ دوران ڪئي. ڊيوڊ هيلوي جو چوڻ هو ته آمريڪا پاڪستان سان ڳالهيون جاري رکندو، ڇاڪاڻ ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو ڪردار ڏاڍو اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ آمريڪي موجودگي ۾ مدد لاءِ پاڪستان مٿان فلائيٽ ۽ زمين جي استعمال جي اجازت به ڏئي ڇڏي آهي. واضح رهي ته آمريڪا طالبان معاهدي موجب آمريڪي فوج کي افغانستان مان مئي تائين نڪرڻو هو پوءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن اعلان ڪيو ته پهرين مئي کان آمريڪي فوج نڪرڻ شروع ٿيندي ۽ اهو عمل 11 سيپٽمبر تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملي کي 20 سال پورا ٿيڻ تي مڪمل ٿي ويندو.