ڪراچي: سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ ڌاڙيلن هٿان پوليس اهلڪارن واري شهادت وارو مامرو بحث هيٺ آيو، اسيمبلي ميمبرن گهر ڪئي ته ڌاڙيلن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اسيمبلي اجلاس شروع ٿيندي ئي جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر، پ پ ايم پي اي هير سوهو ۽ پ پ ايم پي اي غزاله سيال شهيد پوليس اهلڪارن جي مغفرت لاءِ دعا گهرائي، پي ٽي آءِ ايم پي اي پي خرم شير زمان چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ فوج ۽ رينجرز کان مدد ورتي وڃي، جيڪڏهن ڌاڙيل پوليس کان ڏاڍا آهن ته رينجرز ۽ فوج گهرائي آپريشن ڪيو وڃي، انهي دوران اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته شڪارپور جي ڪچي ۾ حالتون خراب آهن، نوجوان ايس ايس پي امير سعود مگسي پنهنجي جان خطري ۾ وجهي ڪچي ۾ ويو، ايس ايس پي، شهيد اهلڪارن ۽ شهيد صحافي کي سلام پيش ڪريون ٿا، اميد آھي ته ڪچي ۾ حالتون بهتر ٿينديون. صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته امجد شيخ، ناصر آفتاب ۽ سعود مگسي بهادر آفيسر آهن، سنڌ پوليس ڌاڙيلن کي نه ڇڏيندي، اسان کي شهيدن تي فخر آهي