پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ويسٽ انڊيز جي دوري جو شيڊول جاري: شاهين 21 جولاءِ تي روانا ٿيندا

0
411

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ويسٽ انڊيز جي دوري جو شيڊول جاير ڪيو ويو آهي، دوري ۾ پاڪستان ٽيم 2 ٽيسٽ ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 21 جولاءِ کان 24 آگسٽ تائين ويسٽ انڊيز جو دورو ڪندي، ويسٽ انڊيز پهچڻ تي پاڪستاني ٽيم جا رانديگر 3 ڏينهن قرنطينه ۾ گذاريندا. سيريز ۾ هڪ ٽيسٽ گهٽائي 2 ٽي ٽوئنٽي ميچز جو اضافو ڪيو ويو آهي، 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز ٻن وينيوز بارباڊوس ۽ گيانا ۾ کيڏيون وينديون، ٽي ٽوئنٽي ميچز 27 ۽ 28 جولاءِ تي بار باڊوس جڏهن ته 31 جولاءِ، پهرين آگسٽ ۽ 3 آگسٽ تي گيانا ۾ ٽيسٽ سيريز کيڏي ويندي. ٽيسٽ سيريز کان اڳ 2 ڏينهن پريڪٽس ميچ 6 آگست کان گيانا ۾ کيڏيون وينديون، جميڪا ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 12 ۽ ٻي ٽيسٽ 20 اگسٽ کان شروع ٿيندي. پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان چيو آهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ويسٽ انڊيز جو دورو وڏي اهميت رکي ٿو. سندس چوڻ هو ته ٽي ٽوئنتي ورلڊ ڪپ جي ڪري هڪ ٽيست بدران 2 ٽي ٽوئنٽي ميچز شامل ڪيون ويون آهن ۽ اهو فيصلو ٻنهي بورڊز ۾ اتفاق راءِ سان ڪيو ويو آهي.