ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپايل اداڪاره شهزين راحت شادي ڪري ڇڏي، سوشل ميڊيا سائٽ انسٽاگرام تي اداڪاره جي نڪاح جي تصوير ۽ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، وڊيو ۾ ادڪاره کي اڇي ۽ ڳاڙهي رنگ جو عرسي لباس پهريل نڪاح نامي تي صحيح ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، سوشل ميڊيا تي وائرل تصويرن ۾ اداڪاره کي وارثن ۽ دوستن سان گڏ نڪاح جي تقريب ۾ خوشگوار موڊ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.