آمريڪي شهر انڊيانا پولس ۾ فائرنگ، ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ جا اطلاع

0
413

نيويارڪ (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪا جي شهر انڊيانا پولس ۾ فائرنگ سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، آمريڪي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو خميس رات انڊيانا پولس ايئرپورٽ جي ويجهو پيش آيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، ميڊيا رپورٽس موجب جنهن جڳهه تي واقعو پيش آيو، اها ڪمرشل جاءِ آهي، جتي هر وقت ماڻهن جو انگ موجود رهي ٿو، ان ڳالهه جو خدشو آهي ته حملي آور پاڻ کي به گولي هڻي ڇڏي آهي، انڊيانا پولس عملدارن واقعي جي جاءِ کي انتهائي حساس قرار ڏئي ايمرجنسي سروس طلب ڪري ورتي آهي.