ڪراچي (نمائندن وٽان) سکر پاپوليشن کاتي جي ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. اِن موقعي تي آسيا بيگم، فريدا لاشاري، نثار احمد، رياض شاھ ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالھائيندي صوبائي وزير صحت کان مطالبو ڪيو آھي ته سکر پاپوليشن کاتي جي ملازمن طرفان اپگريڊيشن، ٽائيم اسڪيل، پگھارن ۾ 25 سيڪڙو اضافو، يوٽيلٽي الائونس، ميل موبلائيزر کي 11ھون گريڊ ڏيڻ سميت ٻيا مطالبا منظور ڪيا وڃن، ورھين کان اسان پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھيون پر ڪو تدارڪ نه پيو ٿئي. نوشھروفيروز ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن پاران قلم ڇڏ ھڙتال ڪري مطالبن جي مڃتا لاءِ مرد توڙي عورت ملازمن نٽھڻ اس ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ۽ علامتي بک ھڙتال ڪئي.عمرڪوٽ ۾ آپڪا پاپوليشن جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب عمرڪوٽ اڳيان ضلعي صدر ابراھيم رند، عبدالحاميد ورياماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو.نوابشاهه ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن شمس الدين ھوت، امجد بروھي، سميع احمد ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.آپڪا پاپوليشن سانگهڙ ۽ ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سيد بھرام شاهه، علي خان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.