ٽي 20 ۽ ون ڊي سيريز لاءِ به متبادل ڏينهن رکڻ گهرجي: بابر اعظم

0
321
بابر اعظم

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف ٽي 20 سيريز برسات جي ڪري متاثر ٿيڻ سان مايوسي ٿي، اسان اهم ميچز ۾مختلف ڪامبينيشن آزمائڻ پئي چاهيا، ڪرڪيٽ کي نتيجو ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ متبادل انتظام ڪرڻ تي غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڇتين وارا اسٽيڊيم گهرجن يا هر ميچ لاءِ هڪ ريزرو ڏينهن هجڻ گهرجي، ٽيسٽ چيمپئن شپ لاءِ ائين ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ ٻين بابت به اهو ممڪن هوندو. هن چيو ته پاڪستان کي هلندڙ سال ڊگهي فارميٽ جون گهٽ ميچون مليون آهن انهن جو انگ به وڌيڪ هجڻ گهرجن.