ٽنڊو محمد خان (رپورٽر)ٽنڊو محمد خان شهر جي بهراڻي پاڙي جي رهواسي پورهيت 22 سالا روي گذريل 6 ڏينهن کان پراسرار طور تي گم ٿي ويو آهي ، نوجوان جي پيءُ نٿو راوڙو ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ اچي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته منهنجو پٽ روي گذريل 6 ڏينهن کان غائب آهي جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت پريشان آهن ، گمشدگي جي رپورٽ سٽي ٿاڻي تي درج ڪرائي آهي پر اڃان تائين منهنجي پٽ جي ڪا به خبر نه پئجي سگهي آهي ، هن مطالبو ڪيو آهي ته منهنجي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي .