قمبر (رپورٽر) قمبر مان کنڀي گم ڪيل نوجوان مھتاب شيخ جي آزادي لاءِ يوٿ فورم جي سڏ تي شهرين ۽ نوجوان جي وارثن شفيع محمد شيخ، پيارل پنهور جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، اڳواڻن چيو ته پنج ڏينهن اڳ گهران کنڀي گم ڪيل يوٿ فورم قمبر جي نائب صدر مھتاب شيخ جو ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي ته کيس ڪٿي رکيو ويو آهي، ھنن چيو ته مھتاب جو ڪنهن به سياسي جماعت سان تعلق نه آهي ھو ھڪ سوشل ورڪر آهي يوٿ فورم جي پليٽ فارم تان شھر جي بنيادي مسئلن اسپتال ۾ سھولتن جي کوٽ بند لائبريري کولائڻ شھر ۾ وڌندڙ گندگي خلاف آواز اٿارڻ سميت ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن خلاف آواز اٿاريندو رهيو آهي جيڪڏهن ان جو ڪو ڏوھ آهي ته ان کي ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪري پريشانين کان بچايو وڃي.