ٽنڊوالهيار (رپورٽ: نيازخاصخيلي ) ٽنڊوالهيار شهر جي عباس ڀائي ٽائون ڪالوني ۾ رات جو دير سان مارٽ جي دوڪان تي هٿياربندن ڦر جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي  ڦورن ۽ مارٽ جي گارڊ ۾ مقابلو ٿي پيو. گارڊ جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو ۽ ٻئي کي زخمي حالت ۾ جهلي پوليس حوالي ڪيو ويو. مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ اعجاز شيخ جي نالي سان ٿي  آهي، جڏهن ته زخمي ڦورو ٽنڊوڄام جو رهواسي رسول بخش پرهياڙ ٻڌايو پيو وڃي. پوليس زخمي ڦورو کي ۽ مارجي ويل جو لاش قبضي ۾ وٺي سول اسپتال پهچايو.