ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي ٽنڊي غلام حيدر جي ملازمن ٽائون آفيس جي مک گيٽ تي لڳل احتجاجي ڪئمپ تي 19 هين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي، جڏهن ته ملازمن وڻن جا پن کائي انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٻي طرف شھر جي سماجي اڳواڻن شاعر اورنگزيب ڀٽي ۽ ٻين ڪئمپ تي پهچي ملازمن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن رفيق ميمڻ، ممتاز، ملازمن بشير ورياھ، طاهر نظاماڻي، شاهنواز ڀٽي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 2 مهينن کان پگهارون ناهن مليون، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ريگيولر ڪري پگهارون جاري ڪيون وڃن.