پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن ۾ صفائي جا ناقص انتظام ھجڻ ڪري شھري پاڻ صفائي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، شھر جي وارڊ نمبر 10 ۾ شھري سهيل سيال ۽ وارڊ نمبر 6 ۾ رفيق احمد پاران صفائي ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿيون جنهن ۾ شھرين جو چوڻ آهي ته هڪ آفيسر 2 ٽائون ڪاميٽين جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل آھي جيڪو ساڳي ئي وقت هالاڻي ۽ پڊعيدن جي چارج رکي ٿو، هنن چيو ته شھر ۾ صفائي سٿرائي ڪرائڻ لاءِ انتظاميا تيار ناهي جنهن ڪري شهري پاڻ صفائي ڪرڻ تي مجبور آهن، وڊيو ۾ شهري چئي رهيا آهن ته ٽائون ڪاميٽي جا جا ڪيترائي ملازم ويزا تي آھن، جن کان ڪير به ڊيوٽي وٺڻ لاءِ تيار ناهي. وائرل ٿيل وڊيو تي شهري ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي ناقص ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪري رهيا آهن.