ٽنڊو غلام حيدر ويجهو باهه لڳڻ سبب 7 پورهيتن جا گهر سڙي رک

0
204
ڀرياسٽي: ڳوٺ ڪانڊيرو

ٽنڊوغلام حيدر(ن پ ا) ٽنڊوغلام حيدر جي ڳوٺ قادر بخش لغاري ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب صالح محمد، اڪبر محسن، احمد جڙيو، سميت 7 ڳوٺاڻن جا گهر سڙي ويا ۽ گهرن ۾ پيل هنڌ، کٽون، بسترا، اناج سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، باھ سبب لکين رپين جو مالي نقصان ٻڌايو پيو وڃي، اطلاع ملڻ تي ٽنڊوغلام حيدر مان فائرگيڊ گاڏي پهچي باھ تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو، متاثر ڳوٺاڻا بي يارو مددگار ويٺل آھن سندن سار لهڻ لاءِ ڪير ناهي پهتو.