ٽنڊو حيدر ۾ پنجاب واسڻ عورت سان مبينا اجتماعي ڏاڍائي جو انڪشاف

0
246
ٽنڊو حيدر ۾ پنجاب واسڻ عورت سان مبينا اجتماعي ڏاڍائي جو انڪشاف
ٽنڊو حيدر ۾ پنجاب واسڻ عورت سان مبينا اجتماعي ڏاڍائي جو انڪشاف

ٽنڊو حيدر ۾ پنجاب واسڻ عورت سان مبينا اجتماعي ڏاڍائي جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

راهوڪي پوليس 42 سالن جي عورت جي شڪايت تي جاچ شروع ڪري ڏني، متاثر عورت جو چوڻ آهي ته ڪراچي مان اسلم بنگالي ڪراچي مان تعويذ ڪرائي ڏيڻ بهاني ٽنڊو حيدر وٺي آيو

متاثر عورت جو چوڻ هو ته اسلم بنگالي پنهنجي ڌيءَ جي گهر رهايو، رات جو دير سان اسلم بنگالي ساٿين سان گڏجي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو

راهوڪي پوليس موجب متاثر عورت کي وومن ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، عورت جو ميڊيڪل ڪرايو ويندو

پوليس جو چوڻ آهي ته اسلم بنگالي ۽ سندس ساٿي جوابدار فرار ٿي ويا، جوابدار اسلم بنگالي جي ڌيءَ جو گهر به بند پيل مليو، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو