ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي ۾ ڇڪتاڻ: مصطفيٰ ڪمال سري عام ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: سعيد غني

0
55

ڪراچي: پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سعيد غني مصطفيٰ ڪمال جا الزام رد ڪري ڇڏيا، سعيد غني چيو ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ايم ڪيو ايم وارن پيپلزپارٽي جا جهنڊا ۽ بينر لاهي ساڙيا آهن

سعيد غني چيو ته 3 ڏينهن اڳ گلستان جوهر ۾ ايم ڪيو ايم وارن پيپلزپارٽي جي گڏجاڻي تي حملو ڪري ماڻهن کي ڌمڪايو

 مصطفيٰ ڪمال سرعام ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته ويڙهه ۾ اسان کان ڪير به ڏاڍو نه آهي، پيپلزپارٽي رتوڇاڻ جي سياست ۾ يقين نه ٿي رکي

مصطفيٰ ڪمال چيو هو ته رات پيپلزپارٽي جي ماڻهن ناظم آباد ۾ حملو ڪري اسان جي ڪارڪن فراز کي قتل ڪيو، واقعي ۾ ڊاڪٽر عاصم ملوث آهي، هيل تائين اسان جا 6 ڪارڪن مارجي چڪا آهن، اسان چاهيون ته اڌ ڪلاڪ اندر گهڻو به ڪجهه ڪري سگهون ٿا

هي به پڙهندا

پ پ سنڌ تي قبضو ڪري چڪي آھي، انھن جي وڏن پاڪستان ورھايو ھو: مصطفيٰ ڪمال