ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان ٽائرن جي دڪان کي باهه لڳي وئي، 3 لک رپين جو نقصان، مالڪ زخمي رپورٽ موجب ٽنڊوآدم جي کنڊو روڊ تي انور انصاري جي نعمان ڪالوني ۾ واقع ٽائرن جي دڪان کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ باھ لڳي وئي جنهن سبب دڪان ۾ پيل نون ۽ پراڻن ٽائرن سميت گھر کي به باھ وڪوڙي وئي جنهن سان گھر جي بلڊنگ کي پڻ نقصان ٿيو باھ اجھائڻ جي ڪوشش ڪندي مالڪ انور انصاري به سڙي زخمي ٿي پيو پاڙي وارن پنھجي مدد پاڻ باھ وسائي نقصان ڪاٿو 3 لک ٻڌايو پيو وڃي.