ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي اڻ رجسٽرڊ غيرقانوني فيڪٽريون هلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليبر ڄامشورو ڪوٽڙي ۽ نوري آباد ۾ غيرقانوني طور ھلندڙ 20 کان مٿي ڪارخانن خلاف چالان ليبر ڪورٽ 6 ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، ليبر ڪورٽ 6 پاران 20 ڪارخانن جي مالڪن کي ضمانت جوڳا سمن جاري ڪري 22 اپريل تي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آھي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليبر اصغر لاکو موجب ڪوٽڙي ۽ نوري آباد ۾ 20 کان مٿي ڪارخانا لڪ چوري ۾ بنا رجسٽريشن جي غيرقانوني طور ھلي رھيا آھن، ڪابه فيڪٽري شروع ٿيڻ کان اڳ ليبر ڊپارٽمينٽ وٽ رجسٽر ٿرڻ لازمي هوندي آهر پر هتي بنا رجسٽريشن جي فيڪٽريون هلي رهيون آهن، اهڙن ڪجھ ڪارخانن ۾ اندر مختلف سامان جي تياري ته هلندڙ آهي پر انهن جر ٻاهران ڪارخاني جو ڪو نالو به لکيل ناهي نه انهن جو ڪو برانڊ آهي، ڳجھي نموني سان هلندڙ اهڙن فيڪٽرين جي خلاف ڪارروائي ڪري چالان ليبر ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي جن جي خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي اٿئون. چالان ۾ غير قانوني ڄاڻايل ڪارخانن ۾ ڪاٽن ملز، آئل ملز، دال ملز، رائيس ملز ۽ اسپير پارٽس جا ڪارخانا شامل آھن. جن ڪارخانن کي سمن جاري ٿيا آهن انهن ۾ 6 ڪوٽڙي جا ۽ 14 نوري آباد جا آهن.