ٽنڊوآدم (ن پ ا) عدالت ۾ ٻڌڻين تي حاضر نه ٿيڻ تي سب انسپيڪٽر گرفتار، جيل حوالي. رپورٽ موجب سينيئر سول جج ٽنڊوآدم اعجاز علي شاهه جي عدالت ٻڌڻين تي حاضر نه ٿيڻ تي بي سيڪشن ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر علي احمد رڏ کي گرفتار ڪرائي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالتي حڪم بعد پوليس سب انسپيڪٽر کي گرفتار ڪري سب جيل ٽنڊوآدم حوالي ڪري ڇڏيو، مليل ڄاڻ موجب بي سيڪشن پوليس جوابدار پرڪاش کي گٽڪو رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو هو، جيڪو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ هو، ڄاڻايل سب انسپيڪٽر علي احمد رڏ مسلسل عدالت مان غير حاضر هو، عدالت پاران اڳ ئي سندس ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا هئا، ڪالهه ڪيس جي ٻڌڻي رکيل هئي، سب انسپيڪٽر جڏهن عدالت آيو ته سينئر سول جج کيس گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو.