ٽائيگر شروف ۽ ديشا پٽاني خلاف ڪيس داخل

0
244

بالي ووڊ ايڪشن هيرو ٽائيگر شروف کانپوءِ اداڪاره ديشا پٽاني خلاف به ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب ٻنهي اداڪارن کي شام جي وقت ڪار ڊرائيونگ دوران مزو ماڻيندي ٻنهي کي گهمندي ڦرندي ڏسي پوليس کين روڪي پڇا ڳاڇا ڪئي، ڀارتي ميڊِيا موجب گاڏي ۾ اداڪاره ديشا پٽاڻي فرنٽ ۽ ٽائيگر بيڪ سيٽ جي موجود هو، پڇا ڪرڻ تي ٻنهي ڄڻن پوليس کي منجهند جو 2 وڳي ٻاهر گهمڻ ڦرڻ تي مناسب جواز پيش نه ڪري سگهيا، جيڪو ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي آهي،ممبئي پوليس ٻنهي اداڪارن سوڌو ايس او پيز جي ڀڃڪڙِي ڪرڻ تي ٻين خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.