ٽائيم نيوز پراسرار نموني گم ٿيل نينگر کي والدين سان ملائي ڇڏيو

0
297

اوٻاوڙو(ن پ ا) ٽائيم نيوز جي خبر پراسرار نموني گم ٿيل نينگر کي والدين سان ملائي ڇڏيو آهي، اوٻاوڙو مسلم ڪالوني جي رهواسي  12 سالا طاهر حسين پٽ هيردين سومرو گذريل ڏينهن پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، جنهن جي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو هو

نينگر جي وارثن اوٻاوڙو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي هئي ۽ اهڙي خبر ٽائيم نيوز تي هلڻ بعد ايس ايس پي گهوٽڪي گم ٿيل نينگر کي فوري طور تي ڳولا جو حڪم جاري ڪيو هو

ٽائيم نيوز خبر هلڻ بعد اوٻاوڙو پوليس پوري شهر ۾ ناڪابندي ڪري نينگر جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي ۽ گشت دوران رات دير سان ريتي روڊ ويجهو نيشنل هاءِ وي تي نينگر کي ڳولي ورتو

نينگر طاهر پٽ هيردين سومرو پوليس کي بيان ڏنو ته مان گهر کان 11 وڳي چوپائي مال جو چارو وٺڻ لاءِ مشين تي ويس ته رستي ۾ نامعلوم شخص مونکي نشي واري شي کارائي، جنهن بعد مان بيهوش ٿي ويس ان مون کي نامعلوم جڳهه تي شام تائين قيد ڪري رکيو ۽ رات جو دير سان مون کي نيشنل هاءِ وي تي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو

پوليس ضروري ڪارروائي بعد نينگر کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد وارثن ۾ خوشي لهر ڇائنجي وئي ۽ وارثن ٽائيم نيوز ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي جا ٿورا مڃيا