ڪراچي: لي مارڪيٽ ۾ رھائشي عمارت ۾ پُوريل وڏي تعداد ۾ ھٿيار ھٿ، کوٽائي جاري

0
380
ڪراچي: لي مارڪيٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لي مارڪيٽ ۾ رهائشي عمارت ۾ پُوريل هٿيار ڪڍڻ لاءِ کوٽائي جاري، 10 ائنٽي ايئر ڪرافٽس گنز سوڌو وڏي تعداد ۾ مارٽر گنز، اسٽين گنز، بروننگ ۽ رِوالورز هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي

پوليس جو چوڻ آهي ته عمارت جي گدام اندر زمين ۾ هٿيار پوريا ويا هئا، پوليس ۽ نجي مزدورن ذريعي ڪالهه کان جاري کوٽائي ۾ وقفو ڪيو آهي، ساهي بعد ٻيهر کوٽائي شروع ڪئي ويندي، جاچ ڪئي ويندي ته موجوده مالڪ ڪنهن کان گدام ورتو هو، هٿيار هٿ اچڻ واري مامري جي مختلف رُخن ۾ جاچ  جو فيصلو ڪيو ويو آھي